3 Lal (Three Friends)


جيئن ته ان وقت ايشور (الله) جا پيارا ٽي لال حضرت پير محمد معظم شاهه جيلا ني، حضرت شيخ باجيد ۽ شري گرو منگل مهاراج شهر ٿاڻو بولاخان ۾ رهندا هئا.جن جي پاڻ ۾ دوستي هوندي هئي.ٽيئي لال رات ڏينهن پاڻ ۾ رهاڻيون ڪندا هئا.ڪڏهن ڪڏهن پير صاحب ۽ شيخ صاحب شري گرو وٽ ويندا هئا ته ڪڏهن وري شري گرو صاحب وٽن ويندا هئا. منجهن ذات پات جو ڪو به ڀيد ڀاءِڪو نه هو ، ڪڏهن ڪڏهن ته گڏجي جهنگل جو سير ۽ سفر ڪندا هئا
هڪ ڏينهن ٽنهي صاحبن کي اچي خيال ٿيو، ته اهڙي ڪا جاءِ ڳولهجي، جتي هن جهان ڇڏڻ کان پوءِ هڪ ٻئي جي ويجهو (آمهون سامهون) هجون پوءِ ته صاحبن اهو فيصلو ڪيائون ته جهنگل مان هلي ٿا تير اڇلايون، جنهن جو تير جتي ڪرندو اهو آرامگاهه ان جو ٿيندو. پوءِ ٽنهي اهو فيصلو ڪيو ۽ ٽنهي ڄڻن پنهنجا پنهنجا تير اڇلايائون. سيد صاحب جن جو تير بولا خان شهر کان اٽڪل هڪ ميل پري ڏکڻ طرف ڪريو، شري گرو صاحب جن جو تير بولا خان شهر کان اٽڪل ٻه ميل پري ڏکڻ طرف ڪريو ۽ شيخ صاحب جن جو تير بولا خان شهر جي لڳ نئين ڏيسوي جي وچ ۾ ڪريو، جيئن ته اهي تير بولا خان شهرکان چئن ميلن جي مفاصلي تي ڏکڻ طرف چکري جبل وٽان ڇوڙيا ويا هئا. ٽنهي صاحبن پنهنجن اڇلايل تيرن جي نشان وٽ پنهنجون منزلون مقرر ڪيون هيون ۽ اهڙي حقيقت کان پنهنجن مريدن ۽ شيوڪن کي آگاهه ڪيو ته اسان جي سرڳ پدارڻ کان پوءِ اسان جي جسمن کي جدا جدا ڏسيل نشانن وٽ سپردِ خاڪ ڪجو ۽ صاحبن پاڻ ۾ صلاح ڪري پنهنجن پنهنجن آستانن تي چاليهو ڪڍيائونچون ٿا حضرت پير محمد معظم شاهه جيلاني صاحب هميشه سادي پوشاڪ ۾ رهندا هئا. سفيد لباس پهريندا هئا ۽ اڪثر ڪري ڪاري رنگ جي لوئي اوڍيندا هئا. جيڪا اڄ ڏينهن تائين سندن پوين وٽ محفوظ آهي.شاهه صاحب هر هڪ ننڍي خواه وڏي سان سهڻي نموني پيش ايندا هئا. پنهنجي والد بزرگ حضرت باقر شاهه (اول) جي به گهڻي خدمت ڪيائون.

شري گرو منگل گر جي هميشه ڀڳون ( گيڙو رتو) لباس پهريندا هئا. پيرن ۾ چاکڙيون پهريندا هئا ۽ سدائين ايشور ڀڄن ۾ محو رهندا هئا. پنهنجن شوڪن کي ايشور اپاسنا جو اپديش ڪندا هئا.
شري گرو منگل گر مهاراج جي سرڳ پدارجڻ کان پو۽ حضرت پير محمد معظم شاهه جيلاني بولا خان شهر ڇڏي ٻاهر منزلون ڪندا رهيا (ته ڪي وري چون ٿا ته شري گرو صاحب جن کان اڳ شاهه صاحب جن رب جي رضا مڃي هئي ).شاهه صاحب جي ٻاهر رهڻ جو سبب به شري گرو صاحب جن جو سرڳ پڌارڻ هو وڌيڪ اهو راز ايشور ٿو ڄاڻي ۽ ٻيا سندن پيارا ٻانهن ڄاڻن اسان تڇ ٻڌي وارن کي ان راز جي ڪهڙي خبر

Leave a Reply

This site uses Akismet to reduce spam. Learn how your comment data is processed.

error: Content is protected !! by Sharma Je Links
%d bloggers like this: