March 21, 2022

سائو سومر

By sharmajelinks

چنڊ جو پهريون سائو سومر


حڪم اندر هرڪو حڪم ٻاهر نه ڪو
هونئن ته هر سومر تي شري گرو منگل گر مهاراجن تي آرتي ڪيرتن جڳن کان ٿيندي پئي اچي . آرتي ڪندڙ شيواڌاري ڀڳت ويرو مل ڀڳت خانا مل شيوڌاري گيانومل کيمون مل ٽهل مل کي هر سومر تي شيوا ۽ آرتي ڪندي سنتن طرفان حڪم مليو ته هاڻي سائو سومر به ميلي وانگر ملهايو ، جنهن جي من ۾ سائين واسو ڪري هنن سچن شيواڌارين تي سنتن جو حڪم ٿيو . پنهنجي گرو جو حڪم ٽاري نه ٿي سگهيا . هونئن ته هر سائو منگل ميلي جي سمان هوندو هو پر گرو جي آگيا جو النگهن ڪيئين ٿو ڪري سگهجي ؟ سچي شيواڌارين جي شيوا رنگ لاٿو ۽ اڄ هر سائو سومر ميلي جي سمان آهي . سڄي رات ستسنگ ۽ ڀنڊارو صاحب هلندو رهندو آهي . ڀبڊاري جي شيوا سائين جا سچا شيواڌاري ڪلائي ۽ ٻيا شيواڌاري سچي سڪ سان ڪندا آهن
شل سچو سنت سوائي سدائين انهن شيواڌارين تي مهر جو هٿ رکي ته اهي شيوا ڪندا رهن ۽ ميلا ملهائيندا رهن
ٻول شري گرو منگل گر مهاراج ڪي جئه
Please leave your valuable comments
پنهنجا خوبصورت ويچار ضرور ونڊيو
bpGRcgaYkJ