May 18, 2021

ڪر سنگت ساڌ جي

By sharmajelinks

سرڳواسي مهاراج شري گهنشام داس شرما جي شاعري

ڪر سنگت ساڌ جي، ويھہ نہ ڪسنگين وٽ،

گهنشام جهٽ پٽ، هو ڪسنگي ڪارو ڪندا ـ


ڪر سنگت ساڌ جي ، ڪڍي کوٽ خيال،

مهاراج  چڱا اعمال ، ڪر تہ قبول ٿين ـ


ڪر سنگت ساڌ جي، جو ميٽي ور ڌاتا انگ،

گھنشام ساڌن سنگ، ڪرين تہ ڪرتارٿ ٿين ـ


ڪر سنگت ساڌ جي، وشين ڏانھن نہ ور،

ٿي اوجل ۽ امر، ساڌن تون سنگ ڪري ـ


ڪر سنگت ساڌ جي، نڪي مايا اندر منجھہ،

گھنشام سائي سمجھہ جا آڌيسين اختيار ڪئي ـ


ڪر سنگت ساڌ جي، تون پل نہ ٿي پري،

گھنشام شيوا ڪري، سڦل مانش ديھہ ڪرـ