جهونپڙي کان آشرم

اَننت شري وِڀُوشت سنت شرومڻي ستگُرو سوامي گوپال گِري سنياس يوگيءَ جو جِيون چريتر

Please Subscribe our YouTube Channel for more Videos, Bhajans, Satsang, Guru Aashram Live Videos and many more...

شري ستگُرو ڀڳوان جي شري چرڻن ۾ شرڌا جا گُل اَرپڻ ڪجن ٿا.

سواميءَ جيءَ جهڙن جِيوَن مُڪت مهاوِڀُوتين جي لاءِ شري گُرو ارجن ديو جن فرمايو آھي ته:

آپ مُڪت، مُڪتُ ڪري سنسارُ

“ً نانڪ“ تِسُو جن ڪُئُون سدا نمسڪارُ

صرف پراچين سميه ( پُراڻن يُگن ۾) ئي سنتن، مهاپُرشن جا اَوتار ٿيا هُجن اهڙي ڪا ڳالھ ناهي پر هن هلندڙ سميه ۾ به اَڌياتمِڪ اُونچاين وارا بيشُمار سنت، رُشي، مُني، مهرشي، يوگي، يتي، سنياسي پڻ اَوتار ڌاري سنساري اَلپ جِيوِي منوشيه جي رهبري ڪري رهنماءَ ۽ مارگ درشڪ ٿيا آھن. 

اِنهن مان هڪ هُيو ماروئڙن، سانگيئڙن، جهانگيئڙن، ڏوٿيئڙن ۽ مارئي جي ديس ٿرپارڪر جي ريتيلي ڀِٽن تي ڀُوري رنگ جي واريءَ جي ٽيلي تي ڪکاوَن جهونپڙيءَ ۾ جنم وٺندڙ وِشوَ وَندنِيه پراته سمرڻيه برهم شروتريه، برهم نِشٺ، ودوان گياني، سنسڪرتي ساهيته رتن ڪار، سنياس يوگي، پُوجيه پاد اَننت شري وِڀُوشت ستگُرو شري سوامي گوپالانند گِري (سوامي گوپال گِري) جيءَ مهاراج.

سوامي جن ست – چِت – آنند جي پراڪاشٽا سَورُوپ پرم آنند شِو شنڪر کي پاتو هُيو ۽ بيشُمار ششيه ساڌڪن کي اِنهيءَ شڪتي پات مهايوگ ڪُنڊلَني جاڳرت پرمپرا جي طرف پڻ موڙيو هُيو.

شري ستگُرو سوامي گوپال گِري مهاراج جن جو جِيوَن پرٿوي (ڪائنات) جي مِڙني جِيون جي لاءِ دِويه پريرڻا سروت هُيو. اُنهن جي هرهڪ چيشٽا (ڪرم. ڪوشش، جدوجهد) انسان ذات جي ڀلائي لاءِ ھُئي. 

شري سوامي جن جي درشن ماتر سان پرسنتا (خوشيءَ) حاصل ٿي ويندي هُئي. 

ھر خوشي اُن ڪو ملي، سويا به مُقدر کُلي جس پر ستگُرو راضي رهي، راضي رهي.

نراشا ۽ مايوسيءَ جا بادل يڪدم دُور ٿي ويندا هُيا، 

هر طرف کان ڌڪاريل، مايوس ۽ غمگين ماڻھن ۾ اُتساه، سهاس ۽ منوٻل جو سنچار ٿي ويندو هُيو ۽ اُلجهيلن جون اُلجهنون دُور ٿي وينديون هُيون ۽ اُنهن ۾ نئين چيتنا، شڪتيءَ اچي ويندي هُئي. 

شري سوامي جن جو سمپُورڻ جِيوَن (زندگي) ئي نِشڪام ڪرم يوگ جو مُورتي منت سَورُوپ هُيو.

ستگُرو ڏنيءَ ڏات ديا ڪري هن دِين تي

نڪي پُڇيائين پنڌڙو نڪي ڏٺائين ذات

جا لک ڪروڙن کان پري پدمن جي بات

“ هنس “ سڄي حيات پانڌ نه پُوري پوي.

شري ستگُرو سوامي گوپال گِري مهاراج جن ششيه گڻن ايوم منش ماتر جي جِيوَن مان لُپت ٿيندڙ ڌارمِڪ سنسڪارن کي پُنھ (ٻيهر) جاڳائڻ جي لاءِ، سنسڪرتيءَ جو پُنروتٿان (سنسڪرتي کي ٻيهر اسٿاپنا) جي لاءِ ۽ يُگن يُگانترن کان اگهور ننڍ ۾ سُتل اَڌياتمِڪتا (رُوحانيت) ۾ دُوباره پِراڻ ڦُونڪڻ لاءِ زندگيءَ ڀر ڪاريه رت رهيا. 

اُنهن جي پرارٿنا هي وِشوَ ڪلياڻ (ڪُل ڪائنات جو خير) جي ڀاونا سان هروقت پري پُورڻ رهندي هُئي.

سَروَي ڀَونتُو سُکينَھ سَروَي سنتَو نرامَياه

سَروَي ڀڌراڻي پشينتُو، ماڪشچِد دُک ڀاگ ڀَويت هَ

سُکي وَسي سَنسار سڀ دُکيا رَهي نَه ڪوئي

يه اَڀيلاشا هم سڀ ڪي ڀڳونت پُوري هوئي

هي ڀڳوان! سڀني کي سَد ٻُڌي ڏيو……شڪتيءَ ڏيو…… آروگيه ڏيو…… اسان سڀ پنهنجا پنهنجا ڪرتويه پاليون ۽ سُکي رهون

لکين رُوپ ڌاري ماتا سَرسَوتيءَ جيءَ به گڏ ٿي جنهن مهان شھنشاه ستگُرو ڀڳوان جي سدگُڻن جو وَرڻَن نه ڪري سگهي اَھڙو برهم نِشٺ، آتم ساکشياتڪاري مهايوگيءَ، برهمچاريءَ سنياسيءَ ويدانت جو مُورتي مان سنت شرومڻي شري سوامي گوپال گِري جيءَ مهاراج جن جي تعريف ۾ ڪُجھ به لکڻ ماتر ٻال چيشٽا ئي آھي يعني سورج کي ڏيئي ڏيکارڻ مثل آھي.

شري سوامي منگل گري سنياس آشرم جي مهاتمائن، يوگين سنياسين شري سوامي ڌيان گِري جيءَ مهاراج، شري سوامي سهيج گِري جيءَ مهاراج ۽ شري سوامي گوپال گِري جيءَ مهاراج جن جي دِويه ليلا ورڻن ڪرڻ کان ٻاهر آھي. الفاظن کان اُوچي آھي، الوڪِڪ شڪتين سان ڀرپور اَڌڀُت شخصيت کي الفاظن جي لميٽيشن ۾ ماپڻ ناممڪن آھي. وامن ڀلا وِراٽ کي ڪيئن ٿو ماپي سگهي؟ گاگر ۾ پورو ساگر ڪيئن ٿو سمائجي سگهي؟ وشال مهاساگر مان صرف هڪ بُوند جي جهلڪ ڏيکارڻ کانسواءِ ٻيو ڇا ٿو ٿي سگهي؟ 

اِنهن مهان يوگين جو چريتر ايترو ته وشال، ڳُجهو ۽ اُڌار آھي جو اُنهيءَ موضوع تي ڪجھ به چوڻ يا لکڻ اُنهيءَ جي وِشالتا کي مريادَت ڪرڻ جهڙو لڳي ٿو. 

پوءِ به… انتر ۾ صرف شرڌا ۽ وشواس رکي ڪري برهم وديا جي مورتي منت سوَرُوپ پُوجيه پاد ستگُرو سوامي گوپال گِري جيءَ مهاراج جي زندگيءَ جي تمام پهلوئن، پرسنگن ۾ جڳياسُوئن جي جِيوَن ۾ گيان جو پرڪاش ڦھلائڻ وارو اَدڀُت مهايوگ گيان سمايل رهيو آھي. هتي ستسنگ جي ڪُجھ ڪڻن مان پرساد طور ساڌڪ ششين سان ونڊ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آھي اُميد ته گُرو شيوڪ جِيوَن چريتر پڙھي هرديگ سان هنڊائي آنند پراپت ڪندا. 

شري دکشڻا مُورتي سوَرُوپ ستگُرو ڀڳوان جي ڀڳتي اَنمول آھي ۽ وقت جي پُورڻ ستگُرو ۾ ئي ڀڳتي جي دات ڏيڻ جو سامرٿيه ( طاقت يا شڪتي ) هوندو آھي. شري ستگُرو مهاراج جن جي شري چرڻن ۾ ڪوئي به اَٽل شرڌا ۽ وشواس رکي اچي دامن ڦھلائي ٿو اُنهيءَ جڳياسُو ساڌڪ ششيه جو ڀڳتي ۽ گيان سان دامن شري ستگُرو مهاراج پنهنجي اَهيتُوڪي اَنُوڪمپا سان ( بنا ڪنهن مطلب جي ڪرپا ) ڀري ڏي ٿو. اِنهيءَ لاءِ شري ستگُرو ڀڳوان جي ڪرپا جو پاتر ( لائق ) بڻجي رهڻ لاءِ ڪوشش ڪندي ستگُرو مهاراج جن جي ڏسيل رستي تي هميشه هلڻ گهرجي. 

ڌن ڀڳتي ستگُرو ڌني، جو پاوين وه ڌنيه

سُک شانتيءَ آنند سنگ، برسي پريم اَننيه

شري ستگُرو ڀڳوان جي ڀڳتيءَ سان ساڌڪ ششيه کي سڀ ڪُجھ سهج (آسان) سُلڀ (حاصل) ٿي ويندو آھي. 

شري ستگُرو ڀڳوان جي پريم جي ڇانَوَ ۾ رهڻ واري ڀاڳيشالي ششيه جي سامهون وِگهن (رُڪاوٽون) ڪنهن به صُورت ۾ اچي ئي نٿيون سگهن. ڇاڪاڻ ته ستگُرو ست چِت آنند سَرُوپ آھن. هتي صرف سڪارآتمڪتا جو راڄ رهي ٿو. تنهنڪري ششيه با حفاظت رهي ٿو.

شري ستگُرو ڀڳوان جنهن نام جو اُپديش ڏين ٿا اُنهيءَ نام تي عمل (اَڀياس، جاپ) ڪرڻ سان اُهو ڪلپلتا (ڪلپ وِرکش يعني سرڳ جو اُهو وڻ جيڪو سڀني منوڪامنائن کي پورو ڪرڻ وارو آھي.) جي برابر ڦل ڏيڻ وارو ٿي وڃي ٿو ۽ اَلوڪِڪ (دويه لوڪن) – پرلوڪِڪ (ديوتائن جا لوڪن) سمورين منوڪامنائن جي پُورتي ڪري ٿو. 

شري ستگُرو ڀڳوان جي ڀڄن، سمرڻ، شيوا سان لوڪِڪ (هن لوڪ جا جنهن ۾ اسين رهيون پيا)، پَرلوڪِڪ (ديوي ديوتائن ڪا لوڪ) هر قسم جا دُک دُور ٿين ٿا. اسان جي انتر من ۾ به جيڪي وشيه وِڪار رُوپي راکشش (نيگيٽيوِٽي، نڪارآتمِڪتا) هميشه اُپدروَ (هلچل) مچائيندا رهندا آھن، اُنهيءَ کي شري ستگُرو ڀڳوان جي ڪرپا سان هميشه لاءِ پنهنجي ڪنٽرول ۾ ڪري وس ڪري سگهجي ٿو، اِنهيءَ کانسواءِ ٻيو ڪوئي به اُپايه ناهي.

صرف 5 سالن جي عُمر ۾ سوامي جن کي سندس پتا شري واعدي مطابق پنهنجي ڳوٺ پاڻيهيون تعلقو ڇاڇرو ضلع ٿرپارڪر مان وٺي اچي شري گُرو سوامي منگل گِري سنياس آشرم تي سِڌ پُورڻ يوگي اَننت شري وِڀُوشت سنت شرومڻي سوامي ڌيان گِري مهاراج جن جي شري چرڻن ۾ هٿ اَدب جا ٻَڌي وينتي ڪيائون ته هي پُورڻ پرميشور ستگُرو ڀڳوان! توهان جي شُڀ آشيرواد مليل پُتر کي مان توهان کي ڏنل وچن جي اَنُوسار وٺي آيو آھيان ڪرپا ڪري پنهنجي اَمانت سنڀاليو. اهڙي ريت جهونپڙيءَ مان سوامي جن آشرم تي آيا.

شوشنڪر ڀڳوان جي جٽائن مثل جابلو سلسلن جي وچ ۾ واقعي شري گُرو منگل گِري سنياس آشرم ٿاڻو بُولاخان سنڌ ۽ کيرٿل راجسٿان ڏيھ پرڏيھ ۾ پنهنجي پرمپرا جي حوالي سان نمايان رهيو آھي. ويدڪ فلاسافي، سنسڪرتيءَ، سڀيتا ۽ سناتن ڌرم جي رکشا ۽ پرچار پِرسار جي لاءِ شريمد آديه جڳت گُرو شنڪرآچاريه ڀڳوت پاد کان آرنڀ “ دس نامي سنياسي“ سمپردايه نالي سان مشھور اِھا پرمپرا شئيو اَدويت مت کي مڃيندر آهي. اِنهيءَ مت (فلاسافي، سنسڪرتيءَ، سڀيتا) کي اُونهائي تائين ڄاڻندڙ مهايوگيراج، برهم نيشٺ، برهم شروتريه، تِرڪال درشي، مهان گياني، سماج سُڌارڪ، ديالو، ڪرپالو، سخاوت جي سونهن، اَنوڀوي سِڌ مهاپُرش اَننت شري وڀُوشت برهم لِين شري سوامي ڌيان گِري جيءَ مهاراج جن جي چرڻن ۾ رِڌيُون، سِڌيُون، وِڀُوتيون ۽ ڪائنات جون سڀئي اُوچايون سيس نِوايو بيٺيون آھن. تِن جي رنگ کي ٻيو ڪوبه رنگ جهڪو نٿو ڪري سگهي. جنهن مهان شو سَورُوپ هستيءَ کي تپسوي، يوگي يتي، فقيرتن، ستيه پريم ڪروڻا سان ڀريل پرم يوگي، ڪرم يوگي، ٻال برهمچاري سِڌ پُرش برهم لِين شري سوامي سهيج گِري جيءَ مهاراج جهڙا اَمُلھ موتيءَ ۽ پنهنجي شري ستگرُوئن ۾ اَننيه شرڌا وشواس رکندڙ برهم گياني، ويدانت فلاسفر، ويدانت سنسڪرتيءَ جي جڳ مشھور ڪنکل يونيورسٽيءَ مان پوسٽ گريجوئيٽ جي ڊگري ماڻيندڙ، ويدانت فلاسافي ۾ ايم.اي – ويديه وِشارد ۾ ايم،اي- ساهتيه رتن ۾ ايم،اي ۽ اِنڊيا جي ٽاپ موسٽ يونيورسٽين مان سائيڪولاجي ۾ ايم، اي سان گڏوگڏ انٽرنيشنل ڊِوائين پاور سوسائٽي آف مهايوگ ساڌنا جو بُنياد وجهندڙ، پيس آف ورلڊ سنسٿا جو فائونڊر سنت شرومڻي سوامي گوپال گِري جيءَ مهاراج جن ۽ سهڻي صُورت ۽ من موهڻي مُورت سٻاجهڙي سيرت جي مالڪ دس نامي سنياس پرمپرا جي جهونا آکاڙي هري دُوار جي سڀنيءَ کان ننڍي عُمر جي ٻال برهمچاري، سنياس ديکشا لنگوٽ ڌارڻ ڪيل مهاتما شرديه سوامي گووند گِري جيءَ مهاراج جهڙا دُنيا کان وِرڪت، سڀ سان هڪجهڙو پريم ڪندڙ ششيه هجن. تنهن جي مهما اَپرم اَپار آھي. اِنهن مهان فقيرتن تپسوي يوگين جي رهبري ۽ رهنمائي جو اَڄ جي ڪوهستان تي وڏو اَثر آھي. جتي ستيه، پريم، ڪروڻا، ديا، مَڌُرتا، ڪوملتا، جو سمنڊ ھرپل ڇوليون هڻندو نظر ايندو آھي. 

اِنهيءَ ويدانت واديءَ – سنسڪرتيءَ جي سُڳنڌ سان اوت پروت ڪلپ وِرکش جيئان سمورا شُڌ سنڪلپ ۽ منورٿ سِڌ ڪندڙ رمڻيڪ آشرم جي روز بروز وڌندڙ اثر ۾ اَڄڪلھ جتي شري گُرو مهاراج جن جي اَهيتُوڪي (بنا مطلب ڪرپا) اَنوُڪمپا جي ڇانَو آھي. اُتي پرم پُوجنيه سائين شري سوامي گووند گِري جيءَ مهاراج جن جي محنت، لگن، شري گُرو ڀڳتيءَ ۽ علمي ڏاهپ، ويدڪ فلاسافي ۽ سناتن سنسڪرتيءَ جي پرچار جو وڏو هٿ آھي.

اَڄڪلھ ديس پرديس ۾ شانتيءَ ۽ ستيه (پرماتما) جي کوج ڪندڙ ماڻھن ۾ آسٿا، شرڌا وشواس ۽ سمپرڻ ڀاوَ وغيره ۾ واڌارو ظاهري طور نظر اچي ٿو. 

ڪنهن به موضوع تي ويچار ڪرڻ يا ڪنهن مقصد تي ڌيان ڪرڻ سان اُنهيءَ موضوع يا مقصد جا سنسڪار ( سڪارآتمِڪ ۽ نڪار آتمِڪ اَثرات) اسان جي چِت ۾ سنچِت (گڏ ٿيڻ) ٿي وڃن ٿا. 

شري ستگُرو جي مهما جو ورڻن ڪندي سنت شرومڻي تُلسيداس شري رام چريت مانَس ۾ لکيو اَٿن:

گُرو بِن ڀَونِڌي تَرئي نَه ڪوئِي

جوءَ بِرنچَي شنڪر سَم هوئِي

اَرٿ: چاهي ڪوئي برهما، شنڪر جي برابر ڇو نه هُجي پر اُهو گُروءَ کان سواءِ ڀَوساگر پار نٿو ٿي سگهي. 

ڪُل ڪائنات جي سرجڻ يعني وجود کان وٺي شري ستگُرو جي اَهميت ۽ ضرورت تي هميشه روشني وِڌي وئي آھي.

ويدن، اُپنشِدن، پُراڻن، رامايڻ، شري گيتاجيءَ، شري گُرو گرنٿ صاحب وغيره سڀني گرنٿن ۽ سڀني مهان سِڌ يوگيشورن، تپيسوَين، مهاتمائن، سنتن، صوفين، درويشن به ستگُروءَ جي مهما جو وستار سان ورڻن ۽ گُڻ گانَ ڪيو آھي.

شري ستگُرو ۽ ڀڳوان ۾ ڪوئي فرق ناهي. شِو ئي گُرو آھي، گُرو ئي شِو آھي.

ايشور گُرو راتَميتي مُورتي ڀيد وِڀاڳنيَه

وَيومَ وَد وِياپت ديهايَه دکشڻا مُورتيئي نَمھ

جيئن سموري ڌرتيءَ تي آسمان جي ڇايل آھي تيئن سرشٽيءَ جي ذري ذري ۾ ستگُرو ڀڳوان جو واس آھي. سنت هلندڙ گهمندڙ پرياڳ راج تيرٿ آستان آھي. جيڪي جڳياسُو اِنهيءَ سنتن جي سَماگم رُوپي تيرٿ ۾ اِشنان ڪن ٿا سو جنم مرڻ جي ٻنڌن کان آزاد ٿي ستگُروءَ جي شاشوت (هميشه قائم دائم) ڌام ۾ واس ڪن ٿا يعني وري سنسار ۾ نٿا اَچن مُڪت ٿي وڃن ٿا.

سنت شرومڻي تُلسي داس فرمائين ٿا ته:-

بَندئُون گُروپَد ڪنج ڪِرپاسِنڌُو نَر رُوپ هري

ماهَ موهَ تَم پُنج جاسُو وچَن رَويڪَر نِڪر

اَرٿ: شري ستگُرو مَنُوشيه (انسان) رُوپ ۾ نارايڻ ئي آھي. مان اُن ستگُروءَ جي شري چرڻ ڪمَلن جي وَندنا ڪريان ٿو. جيئن سج جي اُڀرڻ سان اُونده اَنڌُوڪار جو خاتمو ٿي وڃي ٿو تيئن ئي شري گُرو مهاراج جن جي وچنن سان موه رُوپي اَنڌڪار جو ناس ٿي وڃي ٿو.

ڪنهن به طرح جي وِديا (تعليم) هُجي يا گيان (ڄاڻ) هُجي اُها ڪنهن ديکشا گُرو ( پريڪٽيڪل ڪيل يعني آتما جو ساکشياتڪار ڪيل شوشنڪر سَورُوپ گُرو) کان ئي سکشا وٺڻ گهرجي.

جپ، تَپ، يگيه، دان وغيره ۾ به شري گُرو مهاراج جن جي آگيا وٺڻ تمام ضروري آھي بلڪه لازمي آھي ڇاڪاڻ ته وِڌِي ودان سان ڪيل ڪرم جلد فائيديمند ثابت ٿئي ٿو. اُنهي جي وِڌِي ڇا آھي؟

سواءِ ڪنهن وِڌِي ودان جي ڪيل سمورا ڪرم به وئرٿ ئي وڃن ٿا. جن جو ڪوئي اُچِت ڦل نٿو ملي. 

خُود جي اَهنڪار درشٽيءَ سان ڪيل سمورا اُتم مڃيا ويندڙ ڪرم به مَنُوشيه جي پتن (ساڌنا پٿ تان هيٺ ڪيرائڻ وارا) جو ڪارڻ بڻجي وڃن ٿا.

ڀوتِڪواد ( دُنيوي ڪم ڪار) ۾ به شري گُرو مهاراج جن جي سخت ضرورت هوندي آھي.

سڀني کان وڏو اُتم تيرٿ ته شري ستگُروءَ ئي آھن جن جي ڪرپا سان ڦل آٽوميٽيڪلي ئي حاصل ٿي وڃي ٿو. 

شري ستگُروءَ جو نِواس اَسٿان ششيه سماج لاءِ تيرٿ اَسٿل آھي. اهڙي ستگُروءَ جي مهما آھي.

تيرٿ گئي تو ايڪ ڦل- سنت ملي ڦل چار

ستگُرو ملي تو اَننت ڦل – ڪهي ڪبير ويچار

Sharma Je Links

error: Content is protected !! by Sharma Je Links
%d bloggers like this: