برھم لين شري گرو گوپال گري مھاراج

ڀڳوان شوشنڪر جي جٽائن مثل پھاڙيء سلسلن جي وچ ۾ واقعي سنسڪرتي، ويندانتي واتاورڻ، آڌياتمڪ انتي جي ھموار اسٿر جي اوچاين کي ڇھندڙ شري گرو منگل گري سنياس آشرم ٿاڻوبولاخان سنڌ ۾ ڇا پر ڏيھ پرڏيھ ۾ پنھنجي پرمپرا (Tradition) جي حوالي سان نمايان رھيو آھي. ويدڪ سناتن ڌرم جي رکشا ۽ پرچار پرسار جي لاءِ شريمد آديہ جڳت گرو شنڪرآچاريہ ڀڳوت پاد کان شروع دس نامي سنياسي سمپردايہ نالي سان مشھور اھا پرمپرا شئيو ادويت مت کي مڃيندڙ آھي.
انھيءَ پرمپرا ايوم مت کي اونچائي تائين ڄاڻندڙ، مھا تپسوي، مھا يوگي، برھم نيشٽي، برھم شروتريہ، مھا گياني، سماج سڌارڪ، ديالو، سخي ۽ انوڀوي سڌ مھاپرش اننت ڪوٽي برھمانڊ نايڪ ست چت آنند گھن، اننت شري وڀوشت برھم لين ستگرو شري سوامي ڌيان گري جيء مھاراج. جن جي شري چرڻن ۾ رڌيون، سڌيون، نئون نڌيون، وڀوتيون ۽ ڪائنات جون سڀئي اوچايون سيس جھڪايو بيٺيون آھن.
تن جي رنگ کي ٻيو ڪو بہ رنگ جھڪو نٿو ڪري سگھي. جنھن مھان ادياتمڪ انتي جي شکر تي ڌيان ۾ لين، پرم آدرڻيہ، مھا گياني کي تپسوي ، فقيرتن، پرم يوگي سڌ پرش برھم لين ستگرو سوامي سھج گري جيء مھاراج، ويندانت وادي، گيان جي پراڪاشٽا تي ڀرمڻ ڪندڙ برھم لين ستگرو سوامي گوپال گري جيء مھاراج جھڙا املھ موتي ۽ پنھنجي شري ستگرو شيوا سان لڳاءُ رکندڙ (Commited) گيان جو ڀنڊار، سخاوت جو ساگر، ڌرماتما سائين شري سوامي گووند گريء جيء مھاراج جھڙا ششيہ ھجن، تنھن جي مھما اپرم اپار آھي. انھن چئني مھان ھستين ايوم سمورن شري گرو منگل گري سنياس آشرم جي گديسرن جي رھنمائي جو اڄ جي ڪوھستان تي وڏو اثر آھي. جتي ديا، ڪروڻا، ڪرپا، رحمت، آشيروادن جو سمنڊ ھر پل ڇوليون ھڻندو نظر ايندو آھي.
انھيءَ رمڻيڪ، ادياتمڪ، ويدانت جي سار، يوگين، تپسوين جي تپو ڀومي شري گرو منگل گري سنياس آشرم جي روز بروز وڌندڙ اثر ۾ اڄڪلھ جتي شري ستگرو مھاراج جن جي اپار اھيتوڪي انوڪمپا جي ڇانو آھي. اتي پرم پوجنيہ، پريماسپد، پرم آدرڻيہ ستگرو سوامي گووند گري جيء مھاراج جن جي محنت، لگن، تپسيا، آسٿا ايوم شري گرو ڀڳتي ۽ علمي ڏاھپ جو وڏو ھٿ آھي.
اننت شري وڀوشت ستگرو شري سوامي ڌيان گري جيء مھاراج جن پنھنجي جيون ڪال ۾ جتي ڏکويلن جا ڏک لاٿا، بکايلن جي بک لاٿي، ضرورتمند شاگردن جي مالي وغيره ھر نموني جي مدد سان اتساہ وڌائي تعليم ڏياري، اتي پنھنجي قلم وسيلي پنھنجي انوڀوي گيان سان ھن ڪلجڳ جي اثرن ۾ ورتل ماڻھن جي گتي (ڇوٽڪارو) لاءِ اٽڪل مني صدي پھرين دکن جو دارون نالي پستڪ لکيو.
انھيءَ ستگرو جي ڪرپا ڦل سروپ دکن جو دارون جي پڙھڻ سان اونده ۾ ورتل دلين، ذھنيء ڏڪارن جي ور چڙھيل وجودن ۾ حيرت انگيز ڦيرو آيو.
انھيءَ دکن جو دارون پستڪ جي مطالعي سان ڪيترن ڀٽڪيل انسانن جي من ايوم آشرم ۾ سناتن ڌرم ۽ پرمپرا جو نئون روح پيدا ٿيو آھي.
شري ستگرو سوامي ڌيان گري مھاراج جن جي عمل ايوم نشڪام شيوا کي ڪيترائي انويائي شيوڪ بخوبي نڀائيندا اچن. اھڙن ششن ۾ سادگيءَ، سخاوت، انسانيت جي اعلي قدرن ۾ سندس شري گرو مھاراج برھم لين شري سوامي ڌيان گري مھاراج جن جي چريتر جي سڳنڌ ۽ سکشا ملي ٿي.
سائين جن جي آگيا انوسار اجائي نمائش ۽ ساراه کي بلڪل اھميت نہ ڏيندي ھر ڪاريہ نشڪام شيوا / پنھنجي ڊيوٽي سمجھي خاموشيءَ سان ئي ڪرڻ کي سٺو سمجھن ٿا. ڪنھن پوڙھيء بي پھچ پيءُ جا جھور ٻڍڙيءَ ماءُ جي نياڻيءَ جي ھٿ مھيندي رتا ڪرائي شاديءَ ڪرائڻ، صحتمند سماج لاءِ اسپتالون، واٽھڙو لاءِ درمشالائون، پاڻيءَ جا پيائو، جانورن، پکين، پسوئن ۽ انسان لاءِ ۽ تعليم جي شعبي ۾ اسڪولن جو بنياد پڻ پرمپرا جو حصو آھن.
ڪوھستان ۾ نشڪام شيوا جو ٻج وجھي وڏو وڻ نماء ڇايادار ڪرڻ سوامي جن جو بنيادي عمل ھيو. جيڪو اڄ انتھائي اوچاين کي ڇھندي ملڪي ليول تي نشڪام شيوا ڪري رھيو آھي.
اھڙا سخاوت جا ساگر ستگرو سوامي انتريامي شل اڳي جيئان ھن گھور ڪلجڳ جي لھرن لوڏن کان بچائي پنھنجي ڪاريہ کي مڪمل ڪرائين.
جوڳي جاڳايوس ، ستو ھيس ننڊ ۾
تيھان پوءِ ٿيوس، پريان سندي پيچري. شاه
صدين کان ويدڪ سناتن ڌرم سنسار جو آڌياتمڪ (روحانيت) گرو رھيو آھي. ويدڪ سناتن ڌرم جي اڌياتيمڪتا پرمپراگت (پشت بہ پشت ھلندر سلسلو) آھي ۽ سدائين بنا ڪنھن روڪ ٽوڪ جي جي ھلندي آئي آھي.
انھيءَ پرمپرا ۾ ڇاڪاڻ تہ آڌياتم مارگ جي آخري مقصد جي سروپ انوڀو(مشاھدو)، ان جي گيان (ڄاڻ) ۽ انھيءَ جي پراپتيء (حاصلات) ڪرائڻ وارن اپاين، ساڌنن ۽ پرڪريائن (طريقن) جي ڄاڻ انھيءَ مان ئي ملي ٿي. يوگ شاستر جيون جي سائنس اھي، اھو جيئڻ جو فن سيکاري ٿو. ھيء جيون جي حقيقي مقصد جي طرف وڃڻ لاءِ اشارو ايوم رھنمائي ڪري ٿو.
اڄڪلھ ديس پرديس ۾ شانتيءَ ۽ ستيہ جي کوج ڪندڙ ماڻھن ۾ يوگ شاستر جو چاه وڌي رھيو آھي. پر بدقسمتيءَ سان انھيءَ اھم ۽ ضروري شاستر کي صرف برھمچارين، سنياسين، يوگين لاءِ مقرر ٿيل سمجھي وٺڻ ڪري يا انھيءَ شاستر ۾ مھارت رکڻ وارن گروئن جي ڪمي ھئڻ ڪري، آڌياتم جڳت جي جڳياسوئن جو تمام وڏو نقصان ٿي رھيو آھي.
دراصل ويدڪ سناتن ڌرم جي شٽ درشن(ڇھن درشنن) جي شاسترن ۾ يوگ جي اھميت سدائين مڃي وئي آھي ۽ ڪرم، ڀڳتي، اپاسنا، تنتر ۽ گيان وغيره سڀني ساڌنائن جي طريقن ۾ يوگ جي ضرورت آساني سان ئي قبول ڪندي اسان جي پوروجن يوگ جي ڄاڻو رشين، منين، تپسوين، ۽ يوگين يوگ تي ڪيترائي مضمون/ڪتاب لکيا آھن.
ڪنھن موضوع تي ويچار ڪرڻ يا ڪنھن ڌييہء تي ڌيان ڪرڻ سان انھيءَ موضوع جا سنسڪار اسان جي چت ۾ سنچت ٿي وڃن ٿا. پوڄا، پاٺ، جپ، تپ، ڌيان، اپاسنا، تيرٿ ياترا، پڙھڻ پڙھائڻ وغيره ڪرتاپڻي جي اڀمان سان ڀريل سڀ ڪرم ۽ ساڌنائون وغيره چت ۾ سنسڪار سنچيہ ٿيڻ جو ڪارڻ بڻجن ٿا. مثال طور جيڪڏھن ڪو ساڌڪ ڀڳوان شنڪر، ڪرشڻ، رام، گڻيش، ھنومان، ديويءَ ماتا جي ڌيان، جپ تپ، پاٺ پوڄا ۽ اپاسنا ڪندي وقت ڀاونا ۾ گھرائي، تيزي ۽ ايڪاگرتا جي حالت ۾ انھيءَ ڀاونا جي ساڪار روپ ڌارڻ ڪري ظاھر ٿيڻ تي انھن ساڌڪن کي ديوتائن جا درشن پنھنجي اندر ۾ ئي ٿين ٿا.جيڪي صرف سنسڪارن جا ئي کيل ھوندا آھن. پر ساڌڪ انھن درشنن سان سنتوشٽ (پر مطعمن) ٿي ويندا آھن.

بابو ڪوٺاري

Leave a Reply

This site uses Akismet to reduce spam. Learn how your comment data is processed.

error: Content is protected !! by Sharma Je Links
%d bloggers like this: