Chha Bhagwan Rugho Mandir Main He Aahe?

ڇا ڀڳوان رڳو مندر ۾ ئي آهي؟

شري تاراچند ڪوٽڪ

(Early Posted on 1st Dec 2019)

هڪ دفعي هڪ ماڻهو سگريٽ پِيئندو مندر طرف وڃي رهيو هو. مندر ۾ اندر وڃڻ کان پهريان ٻاهر ئِي سگريٽ اُڇلائي ڇڏيائين ۽ مندر ۾ ويو ۽ پنهنجي ريت رواج Rituals جي رسم جيڪا بہ هُئي اُنهي کي پورِي ڪري ٻاهر نڪتو ۽ پنهنجِي عادت (عِلت) مُطابق هُن ورِي سگريٽ دُکائِي (سُلگائِي) ۽ پِيئڻ لڳو. هاڻي هڪ سوال ٿو پيدا ٿئي تہ هُن ماڻهو مندر ۾ سگريٽ ڇو نہ پِيتِي؟ اِنهِي جو آسان جواب اوهين سڀيئِي چڱِي طرح ڄاڻو ٿا. ڇو تہ ”ڀڳوان“ مندر ۾ ئِي رهي ٿو ۽ هُوءَ مندر ۾ ڪِيئن سگريٽ پِي ٿو سگهي پنهنجي”ڀڳوان“ جي سامهون! هاڻي اِنهِي جو مطلب اِهو ٿيو تہ ”ڀڳوان“ مندر نالي وارِي چاردِيوارِي جي اندر ئِي آهي ٻاهر ڪِٿي بہ ڪونهي! هونئن تہ هرهڪ ڌرم جي سِکيائن ۽ اڌياتمِڪتا ۾ اسين وڃون ٿا تہ اِهائِي سِکيا مِلي ٿِي تہ ”ڀڳوان“ هر جڳهہ ۽ هر هنڌ موجود آهي. تنهنڪري جيڪڏهين توهان مندر ۾ سگريٽ نٿا پِي سگهو تہ ورِي ٻاهر ڪِيئن پِي سگهو ٿا؟ ليڪن اسان جي مانيَتا (مڃڻ ) ائين ئِي آهي تہ ”ڀڳوان“ صرف مندر ۽ مُورتيءَ ۾ ئِي آهي. اِنهِي جا ڪافِي سارا فائدا بہ تہ اسين وٺون ٿا. هڪ دفعي ٿيو ڪُجهہ هِينئن، اوهان جي گهر جِي ڊور بيل (دروازي جِي گهنٽِي) وڳِِي اوهان دروازو کوليو، سُوٽ بُوٽ ۾ ملبوس هِڪ اِنسان سامهون بِيٺو هو ۽ اوهان پُڇيو تہ ”ڀائِي ڪير آهين؟“ هن جواب ڏنو ”ڪرشن“. اوهان چيو ”ڪهڙو ڪرشن؟“ چيائين تہ ”اُهوئِي ڪرشن جنهن کي تون سالن کان ياد ڪندو هُئين، مُنهنجِي ئِي تون پُوڄا ڪندو هُئين. هيترن سالن کان تون مون کي ياد ڪندو هُئين سو مون سوچيو تہ ڇو نہ توسان مِلڻ لاءِ پاڻ اچِي وڃان. هاڻي آءُ هميشہ توسان گڏ ئِي رهندس، تون مونکي ڏِسِي سگهندين تون مونکي ٻُڌِي بہ سگهندين ۽ تو کانسواءِ ڪو ٻيو مونکي نہ ڏِسِي ٿو سگهي نہ سُڻِي ٿو سگهي ۽ چووِيهہ ئِي ڪلاڪ هميشہ آءُ تو سان گڏ رهندس.

هاڻي ڏِسو اوهان سان اِئين ٿِي پوي تہ چووِيهہ ئِي ڪلاڪ ”ڀڳوان“ اوهان سان گڏ هُجي اوهان پنهنجِي زِندگِي ڪِيئن جيءَ سگهندا (گهاري يا گُذاري سگهندا). ٿورو سوچيو، ڇا اوهان لاءِ هاڻي ممڪن ٿي سگهندو تہ اوهان پنهنجي دوڪان تي جڏهين ڪسٽمر (گراهڪ) اوهان جي سامهون هُجي ۽ ”ڀڳوان“ اوهان سان گڏ هجي تہ اُنهِي ڪسٽمر (گراهڪ) کي اِهو چئِي سگهندا تہ اوهان کي جيترو سستو آءُ ڏيان ٿو، اوترو سستو تہ آءُ ٻِئي ڪنهن کي بہ ڪونہ ٿو ڏيئِي سگهان؟ ٿورو سوچيو، اوهان جڏهين پنهنجي ڊِيلر سان ڳالهائي رهيا آهيو تہ، تڏهين ڇا فون تي اهو چئِي سگهندا تہ ڀائِي اوهان جنهن اگهہ تي مونکي ڏيئِي رهيا آهيو اوتري ۾ مونکي ڪُجهہ کائڻ لاءِ بہ ڪونہ ٿو مِلي. يا ورِي ڪنهن ڏِينهن اوهان گهر دير سان پهچو ٿا ۽ اوهانجِي ڌرمپتنيءَ جڏهين دروازو کولِيندي اوهان کان پُڇي ٿِي تہ اوهان دير ڪري ڇو آيا؟، (اوهانجو ”ڀڳوان“ اوهان سان گڏ آهي) ڏيو جواب دير سان ڇو آيا ……. آءُ تہ بس ايترو ئِي چوڻ ٿو چاهيان تہ اسان پنهنجِي زِندگِي ۾ ”ڀڳوان“ کي اِنهِي لاءِ مندر ۽ مُورتيءَ تائين محدُود رکون ٿا تہ اگر ڪِنهن ڏِينهن هُوءَ ٻاهر نڪرِي آيو ۽ اسان سان گڏ جِيئڻ لڳو، هر پَل اسان سان گڏ ٿِي وڃي تہ شايد اسِين ڪو بہ غلط ڪم ڪڏهين بہ ڪري نہ سگهنداسِين ۽ اِنهِي لاءِ اسان پنهنجِي زِندگِي کي آسان رکڻ لاءِ ”ڀڳوان“ کي صرف مندر، مُورتيءَ ۽ فوٽوگراف تائين محدُود رکيو آهي: اوهان جنهن سان بہ غلط وهنوار ڪري رهيا آهيو، اهو انسان ڀُلجِي وِساري سگهي ٿو، اوهان ڀُلجِي وِساري سگهو ٿا مگر هُوءَ ”ڀڳوان“ ڪڏهين به ڀُلجڻ وِسارڻ وارو ڪونهي ۽ اِنهِي لاءِ مان بس ايترو ئِي چوڻ چاهيندس تہ هڪ سُٺِي زندگِي جِيئڻ، صحِي طريقي سان جِيئڻ تمام گهڻِي ضرورِي آهي. اسِين پُوڄا پاٺ ڪريون ٿا، ياترائون ڪريون ٿا، هوَن ڪريون ٿا، غريبن ۾ دان ڪريون ٿا ۽ ٻيو بہ گهڻُو ڪُجهہ، مگر جيڪڏهين اوهان ”ڀڳوان“ کي پائڻ چاهيو ٿا تہ اِنهِي لا۽ هڪ سادِي Pre-Requirement آهي . ڇا اوهين ڪڏهين ڪنهن گندِي ڪُرسِي تي ويهڻ پسند ڪندا، ڇا اوهين گندا ڪپڙا پائڻ پسند ڪندا، ڇا اوهان گندِي ٿالهِي ۾ کاڌو کائڻ پسند ڪندا؟ اگر اِنسان هُئڻ جي ناتي اسين گندِي ڪُرسِي تي ويهڻ لاءِ تيار ڪونہ آهيون، گندا ڪپڙا پائڻ لاءِ تيار نہ آهيون، گندِي ٿالهِي ۾ کاڌو کائڻ لاءِ تيار نہ آهيون تہ پوءِ اسان ڪِيئن سوچيو تہ ”ڀڳوان“ ڪو گندي دِل ۽ دِماغ ۾ اچِي وسندو ۽ اِنهِي جي لاءِ اگر ڪو سڀ کان وڏِي Pre-Requirement آهي هُن تائين پهچڻ جي لاءِ ۽ جيڪڏهين اوهين چاهيو ٿا تہ ”ڀڳوان“ هميشه اوهان جو ساٿ ڏئي تہ بس ايترو ئِي آهي تہ Purify Yourself پنهنجو پاڻ کي اندر ۾ پوِيتر رکو. جئہ شري ڪرشنہ

Leave a Reply

This site uses Akismet to reduce spam. Learn how your comment data is processed.

error: Content is protected !! by Sharma Je Links
%d bloggers like this: