گرن جو نظارو

گرن جو نظارو

گرن جو آستان شهر ٿاڻي بولاخان کان ڏهه ميل اولهه طرف آهي. جتي جبل ۾ پاڻي جو قدرتي چشمو آهي، جيڪو هميشه جاري آهي. اتي ڪيترائي وڻ به آهن جهڙوڪ ؛ ڪنڊا، نم ، پپر ۽ انجير وغيره برسات جي موسم ۾ جهنگلي تلسيون ، ناز بوءُ ۽ ٻيا ڪيترائي خوشبودار ٻوٽا نڪري نروار ٿيندا آهن جبل جي گود ۾ جتي ڪنڊن جا گهڻا وڻ آهن ، اتي شري گرو ڀواني گر کانسواءِ شري گرو ٻالپري مهاراج، شري گرو هيرا پوري مهاراج، شري گرو سنتوش پوري مهاراج، شري گرو ٻڌ پوري مهاراج، شري گرو لالپري مهاراج، شري گرو ڪرشن پوري مهاراج ۽ ٻين مها پرشن جون سماڌيون آهن. هن وقت شري گرو ڀواني گر جي شيوڪن کي جڏه
ن به شرڌا ٿيندي آهي تڏهن سڀئي گڏجي گروئن جي جاٽ ڪرڻ لاءِ ويندا آهن. گرو ڀواني گر کي شري گرو منگل گر ۽ سندس شيوڪن گرن تي سماڌي ڏيڻ کان پوءِ واپس بولاخان آيا ۽ شري گرو منگل گر مهاراج پنهنجي آستان تي رهڻ لڳا . چاليهي تي برهم ڀوڄ ڪيو ويو ۽ شري گرو منگل گر صاحبن کي گادي نشين ڪيو ويو . ان وقت ڪوهستان جا برهمڻ ساڌو سنت ۽ شيوڪ پڻ حاضر هئا . ان کان پوءِ شري گرو صاحب ڀڳوان جي ڀڄن ۾ مگن رهڻ لڳا.
شري گرو منگل گر جا پيارا پريمي جيڪڏهن اوهان کي گرن ج
ي آستان تي سماڌيون ڏنل گروئن جي باري ۾ ڪا ڄاڻ آهي ۽ توهان سٺو لکي سگهو ٿا ته اسان کي انهن مها پرشن جي باري ۾ لکي موڪليو اسان اوهان پريمين جي هن ٿوري سان اها سڄي ڄاڻ شري گرو منگل گر مهاراج جن جي ويب سائيٽ جي ذريعي سڀني پريمين ۽ شيوڪن تائين پهچائڻ جو واعدو ٿا ڪريون . مهرباني (شرما جي لنڪس).

جيڪڏهن ڪنهن به پريمي  يا شيوڪ کي شري گرو ٻالپري مهاراج جن جي جيون جي باري ۾ ڪابه ڄاڻ آهي ته هو اها ڄاڻ اسان سان شيئر ڪري ته جيئن هن ويب سائيٽ جي ذريعي شري گرو ٻالپري جي پريمين تائين پهچائي سگهجي.

ڌنيواڌ

ڪنهن به قسم جي ڌرمي ڄاڻ ڏيڻ لاءِ يا ويب  سائيٽ ۾ ميمبر ٿي اها ڄاڻ توهان جي نالي سان شيئر ڪرڻ لاءِ اسان سان هيٺ ڏنل اي ميل ايڊريس تي رابطو ڪريو

 for contact email us SharmaJeLnks(a)gmail.com

پنهنجا خوبصورت ويچارضرور ونڊيو

1 thought on “گرن جو نظارو

Leave a Reply

This site uses Akismet to reduce spam. Learn how your comment data is processed.

error: Content is protected !! by Sharma Je Links
%d bloggers like this: