Biography of Shree Guru Mangal Gir Maharaj

شري گرو منگل گر مهاراج جن جو جيون چريتر

سدا ڀواني داهني سنـــمک هـــوت گڻيش

پانچ ديو ور رکشا ڪري برهما وشنو مهيش

ڌيان مولم گرو مورتي، پوجا مولم گرو پدم

منتر مولم گرو پدم،موکش مولم گروڪرپا

ارٿ : گرو مهما جي باري ۾ شاستر ڪارن جو چوڻ آهي ته ڌيان لاءِ گرو مورتي، پوڄا لاءِ شري گرو چرڻ، تٿا گرو جا وچن ئي منتر روپ ۽ سچي گرو جي ڪرپا ئي موکش ڏيڻ واري آهي.

اڄ کان اٽڪل اڍائي سئو سال اڳ شهر ٿاڻو بولا خان ۾ ملڪ بولا خان (اول )جو فرزند ارجمند ملڪ جيئندل خان راڄ ڪندو هو. ان سمي ۾ ڪوهستان ۾ هندو ۽ مسلمان پاڻ ۾ ڀائرن واري زندگي بسر ڪندا هئا.هنن جي پاڻ ۾ ميٺ ۽ محبت هوندي هئي . مگر ڌارين کي سندس خوشي نه وڻي ۽ منجهن نفاق  پيدا ڪرڻ ۽ سک جي زندگي زهر بنائڻ لاءِ چالون چلڻ شروع ڪيائون.۽ ڪوهستان ۾ بدامني ڦهلائڻ لاءِ اٺن، گهوڙن ۽ ٻئي چوپائي مال جي چوري ڪرائڻ، زوري ۽ ڦر جا حملا شروع ڪيائون. انهي وقت جڏهن اها خبر ملڪ جيئندل خان کي پئي ته هن پنهنجا سپاهي ۽ ميڙو، انهن چورن ۽ ڦر ڪندڙن جي پويان موڪليا، جن پتو لڳايو ته اهي چوريون ڪندڙ اسانجا پاڙيسري هڪ بلوچ قوم جا ماڻهو آهن، جيڪي اڄ ڏينهن تائين هتي آباد آهن ۽ سندن شهر سيوهڻ کان 24 ميل ڏکڻ طرف چورڙي نئين ڀرسان ڪرچات ۽ پوکڻ کان 13 يا 14 ميل اتر طرف آهن جي چوريون ۽ ڦرون ڪن ٿا.ان وقت ڪٿي ڪٿي خون ٿيڻ جا واقعا پڻ پيش آيا. پوءِ ملڪ صاحب پنهنجو هڪ سپاهي انهن ماڻهن ڏانهن موڪليو ، ته چوري ڪيل مال ۽ خونن جو عيوضو ڏنو وڃي ليڪن انهن ٻڌو اڻ ٻڌو ڪري ڇڏيو ۽ سپاهي اچي انهي ساري حقيقت کان ملڪ صاحب کي آگاهه ڪيو . ان حقيقت ٻڌڻ تي سڀئي ڪوهستاني واسي پٽڪي ور گڏ ٿيا ۽ ملڪ جيئندل خان جي اڳواڻي ۾انهي قوم تي حملو ڪيائون چورڙي نئين وٽ ٻنهي جو لشڪر گڏ ٿيو، پر دشمنن جي پهچڻ کان اڳ ڪوهستانين جو پاڻي تي قبضو ٿي چڪو هو ۽ دشمن پنهنجي طاقت نه ساري واپس ڀڄي ويا ۽ اهڙي طرح سان ڪوهستان واسين کي فتح حاصل ٿي.ڪوهستانين جو پاڻي تان قبضو ختم ڪرائڻ لاءِ ساڻن ٻيهر جنگ شروع ڪئي ويئي، جنهن ۾ دشمنن جا ڪيترائي ماڻهو مارجي ويا ۽ باقي جيڪي بچيا سي واپس ڀڄي ويا. اُتي چورڙي نئين جي ويجهو ملڪ صاحب جي ماڻهن کي برهم چاريه ويس ۾ هڪ چوڏهن سالن جو نينگر هٿ آيو، هن هندي زبان ڳالهائي ٿي جيڪا اِنهن کي سمجهه ۾ نٿي آئي ۽ کيس آڻي ملڪ صاحب وٽ حاضر ڪيائون ملڪ صاحب چيو ته هن کي پاڻ سان گڏ شهر ٿاڻو بولاخان وٺي هلندا سون ۽ کين بولاخان وٺي آيا، جتي ان وقت جي پير سيد باقر علي شاهه جي حوالي ڪيائون، شاهه صاحب ان نينگر کي وري شري گرو ڀواني گر مهاراج صاحب جن جي حوالي ڪيائون، جيڪي انهي وقت ٿاڻو بولاخان جي مڙهي ۾ رهندا هئا. جنهن سندن نالي، ذات ۽ ديش بابت پڇا ڪئي ۽ هن سمورو احوال ٻڌايو.ليڪن ڪنهن مڪمل لکڻي نه هئڻ ڪري حقيقت راز ۾ رهيل آهي، ليڪن ايتري خبر پئجي سگهي آهي ته ٻالڪ برهمڻ ڪل مان هو. جئين ته شري گرو ڀواني گر مهاراج  صاحب جي خود هڪ مها يوگي پرش هو، جنهن نينگر کي ڏسي اندازو لڳايو ته هي هڪ امول ماڻڪ موتي آهي ۽ ڏاڍو خوش ٿيو ۽ کيس پنهنجي آستاني تي رهايوجيئن ته هن نينگر سڄي سنسار کي ناسونت ڄاڻي، مٽن ۽ مائٽن جو ڪوڙو ناتو سمجهي ۽ دنيا کي هڪ سپنو تصور ڪري اهڙي گرو جي ڳولها ۾ نڪتو هو جو کيس آوگون جي چڪر مان ڇڏائي. انهي ارادي سان نينگر رٽن ڪندو ، تيرٿن جا درشن ڪندي هنگلاج ڏانهن رخ ڪيائين

جي ڀانئين جوڳي ٿيان، ته پر گرو جي پار، هوائون هنگلاج ڏي، ويندي سڀ سنسار، نانگا ناٿ نهار، سامي وڏي سڪ سين.

جڏهن کين پورن گرو پراپت ٿيوتڏهن تتڪال سندن نالو ”منگل گري“ رکيائون. سنياس وٺڻ کان پوءِ گهڻو وقت وٽن رهي يوگ اڀياس جو رستو سکيو ، شري گرو منگل گر  صاحب جن ، شري گرو ڀواني گر صاحبن وٽ گهڻو وقت رهيا ۽ ڪجهه سالن کان پوءِ هڪ رات جو شري گرو منگل گر مهاراج موڪلائڻ کان سواءِ اتان هليا ويا. صبح جو شري گرو ڀواني گر سندس ڏاڍي تلاش ڪئي ليڪن کين ڪو به پتو ڪونه پيو، شري گرو منگل گر جيئن ئي ٿاڻي بولاخان شهر کان روانا ٿيا ته پهرين هريدوار ۾ پهچي زبردست تپ ڪيائون.  اڄ به شري گرو منگل مهاراج جن جي نالي سان اتي آستان موجود آهي ، جتي نانگا سنياسي رهن ٿا.اتي ڪنهن گرهستي ساڌو جي رهڻ جي اجازت ناهي جڏهن شري گرو منگل گر صاحبن هريدوار ۾ پنهنجو تپ پورو ڪيائون، تڏهن ٻه موريا (ٽامي جا دلا ) وٺي هر هڪ تيرٿ تي وڃي انهن جو جل کنيو ۽ سڌو ٿاڻي بولاخان شهر ڏانهن رخ ڪيائون. ڳچ وقت کان پوءِ هڪ ڏينهن منجهند جو ٿاڻي بولا خان شهر ۾ شري گرو ڀواني گر مهاراج جن جي آستان تي پهتا. شري گرو ڀواني گر مهاراج جن آستان جي اندر در بند ڪيو ويٺا هئا، شري گرو منگل گر جن در کڙڪايو ته شري گرو ڀواني گر مهاراج جن پڇيس ته ”ڪير آهين؟“ شري گرو منگل گر مهاراج جن ڏاڍي نوڙت سان وراڻيو ته” آئون منگل گر آهيان.توهان دروازو کوليو.“ شري گرو ڀواني گر چيس ته ” جيڪڏهن تون منگل گر آهين ته دروازو پاڻهي کلندو.“ انهي وقت دروازو کلي پيو ۽ شري گرو منگل گر موريا رکي اندر  اچي شري گرو صاحبن جي چرڻن تي پنهنجو مستڪ رکيائون. شريص گرو صاحبن پنهنجي ديا جا هٿڙا شري گرو منگل گر صاحبن جي مٿان گهمايا ۽ پنهنجي ديا درشٽي سان کيس نهال ڪري ڇڏيو ۽ کين چيو ته ” گادي منهنجي پر نالو تنهنجو هلندو“ پوءِ شري گرو منگل گر جن شري گرو صاحبن کي ٿال ۾ ويهاري تيرٿن جي جل سان اشنان ڪرايائون ۽ سندس وڌي پوروڪ پوڄن ڪيائون. ان وقت سهر جا ننڊا ۽ وڏا شيوڪ به اچي ڪٺا ٿيا هئا ۽ پوءِ اهو اشنان وارو جل ۽ سندس لٿل لنگوٽ ان جل ۾ نپوڙي اهو جل پاڻ پي ڇڏيو ۽ پوءِ پاڻ شري گرو ڀواني گر صاحبن وٽ رهڻ لڳا. هر روز نيم انوسار هرڪا شيوا پوڄا پاڻ ڪندا هئا. ڪجهه وقت گذرڻ بعد هڪ ڏينهن شري گرو ڀواني گر ، شري گرو منگل گر ۽ پنهنجن ٻين شيوڪن کي فرمايو ته  ” اسان هاڻ ٿورن ڏينهن ۾ سماڌي وٺنداسين مگر منهنجي سماڌي گرن تي ڪجو“. (ڇاڪاڻ ته شري گرو ڀواني گر جن گرن تي ڪافي ڇلا ڪڍيا هئا، انهي ڪري ئي کين اها جاءِ پسند هئي.) جڏهن اهو ڏينهن آيو ته شري گرو ڀواني گر صاحب جن اشنان ڪري ان آڌ پرش ابناسي جو ڌيان ڌاري يوگ اڀياس سان وئيڪٺ ڌام پڌاريا. اهڙو سچو ستگرو پاڻ وٽان ويندو ڏسي هر هڪ کي ڏاڍو ارمان ٿيو پر ڇاٿي ڪري سگهيا ، ايشور جو ڀاڻو ڄاڻي صبر کان ڪم ورتائون ۽ شري گرو ڀواني گر صاحبن جي ڪايا کي خوب سينگاري ڀڄن ڳائيندا، گرو جي جئه جئه ملهائيندا گرن تي پهتا ۽ شري گرو صاحب جن جي چوڻ مطابق سماڌي ڏني ويئي جا اڄ به گرن تي موجود آهي . شري گرو ڀواني گر کي شري گرو منگل گر ۽ سندس شيوڪن  گرن تي سماڌي ڏيڻ کان پوءِ واپس ٿاڻي بولا خان آيا ۽ شري گرو منگل گر صاحب پوءِ انهي آستان تي رهڻ لڳا. چاليهي تي برهم ڀوڄ ڪيو ويو جنهن ۾ ڪوهستان جا برهمڻ ، ساڌو، سنت ۽ شيوڪ پڻ حاضر هئا ان کان پوءِ شري گرو منگل گر مهاراج ايشور ڀڄن ۾ مگن رهڻ لڳا. هڪ دفعي شري گرو منگل گر صاحب جن بولاخان شهر کان چار ميل پري، چکري جبل جي دامن ۾ ڇلو ڪڍيو ۽ ان جاءِ تان قدرتي پاڻي نڪرڻ لڳو، جيڪو اونهاري توڙي سياري ۾ وهندو رهندو هو ۽ جتي هينئر شري گرو صاحبن جي سماڌي آهي پاڻي ايستائين اچي سماڌي ۾ گهم ٿي ويندو هو.ان وقت پاڻي تي ڪيترن ئي قسمن جا پکي پري کان اچي گڏ ٿيندا هئا ۽ ڪيترن ئي قسمن جا وڻ به هئا جن مان پپر جو وڻ مکيه هو. سڀئي هندو انهي پپر جي وڏي چاهه سان جاٽ ڪندا هئا. هڪ دفعي شري گرو صاحب جن پنهنجن شيوڪن سان گڏجي انهي چکري جبل وٽ اشنان ڪرڻ ۽ نظارو ڏسڻ لاءِ ويا.جڏهن شري گرو صاحبن پنهنجن شيوڪن سان گڏ اهو نظارو ڌٺو پئي ، تڏهن شري گرو صاحبن کي شيوڪن عرض ڪيو ته،”سائين جيئن اوهان اهڙو نظارو ٺاهيو آهي، تيئن اهڙي ڪا ديا ڪريو ته جيئن هي نظارو هميشه هميشه لاءِ قائم و دائم رهي ۽ اسان هتي اچي پنهنجا پاپ ڌوئي پاڻ کي پويتر ڪريون“. تڏهن شري گرو صاحبن فرمايو ته، ” جيڪو به پريمي سچي ڀاونا سان هن جل ۾ اشنان ڪري پپر جي جاٽ ڪندو ته دل گهريا ڦل پائيندو، پر جڏهن هن آستان تي پاپ جهڙا ڪم ٿيندا ۽ گئو هتيا ٿيندي پوءِ هتي نه ئي جل رهندو ۽ نه ئي گل گلزاري هوندي“. پوءِ شري گرو صاحبن جي چوڻ مطابق جٿهن انهي جل تي گئو هتيا ۽ ٻيا پاپ ٿياته پاڻي وهڻ بند ٿي ويو ، اڄ به ان جاءِ تي کوهه کوٽي پاڻي پيئندا ته اوهان کي ڀڀوت جي بوءِ ايندي (انهي جاءِ تي هڪ کوهه ڀڳت شامن داس کوٽرايو هو جنهن جا نشان هينئر مٽجي چڪا آهن.)ليڪن ان پپر جي وڻ مان هڪ قلم جيڪو شري گرو سهيج گر مهاراج پنهنجن پويتر هٿن سان سماڌين تي لڳايو آهي جيڪو اڄ به اتي موجود آهي، اهو ان پپر جي پراڻي ياد آهي. شري گرو منگل گر مهاراج ڪلي شهر ۾ به گهڻو وقت رهيا ۽ ڪلي شهر کان اٽڪل 10 ميل پري  اولهه طرف هڪ تلاءِ به ٺهرايائون، جيڪو هن وقت تائين ”عطيط جو تلاءِ“ جي نالي سان سڏبو آهي. شري گرو صاحب جن جي زندگي جو گهڻو عرصو ٿاڻي بولا خان ڀرسان (جتي اڄ به سندن سماڌي آهي )ان آستان تي گذريو ۽ ان وقت هڪ چيلو به ڪيائون جنهن جو نالو ” شري گرو گيان گرصاحب“ رکيائون ۽ پنهنجا سڀئي شيوڪ ۽ مڙهي سندن حوالي ڪيائون. شري گرو منگل گر مهاراج هميشه ايڪانت ۾ رهندا هئا ۽ گهڻن ئي شيوڪن انهي مها پرش مان فائدا حاصل ڪيا، باقي حياتي جا ڏينهن ان آڌ پرش ابناسي جي ڌيان ۾ ويتيت ڪيائون
هڪ دفعي شري گرو منگل گر صاحب جن پنهنجي سڀني شيوڪن کي  گهرائي چيائون ته،”آئون هاڻ سماڌي وٺندس.“ جڏهن اها خبر شهر جي ماڻهن وٽ پهتي ته شري گرو منگل گر صاحب جن سماڌي ٿا وٺن تڏهن ننڍو وڏو سڀڪو شري گرو صاحب وٽ آيو ۽ هر هڪ پريمي ڳوڙها ڳاڙهڻ لڳو. پوءِ شري گرو صاحب جن سڀني شيوڪن کي پاڻ سان گڏ وٺي سماڌي واري هنڌ تي آيا ۽ شري گرو صاحب جن جي حڪم سان وڻن جي وچ ۾ سماڌي تيار ڪيائون ۽ هر هڪ پريمي ان سماڌي جي ويجهو غمگين حالت ۾ ويهي گرو جي جئه اچارڻ لڳو.شري گرو صاحب جن سڀني پريمين ۽ شيوڪن کي آسيس ڏيئي ۽ پاڻ سماڌي ۾ وڃي ويٺا.يوگ اڀياس سان پراڻ دسوين ڌوار ۾ چاڙهي سرڳ ڌام پڌاريا.

مرڻا اڳي جي مئا، سي مري ٿيا نه مات،
هوندا سي حيات، جيئڻا اڳي جي جيئا،
جيئڻا اڳي جي جيئا، جڳ جڳ سي جيئن،
اوءِ موٽي ڪين مرن، مرڻا اڳي جي مئا.

پوءِ سڀئي شيوڪ گڏجي شهر موٽي آيا ۽ شري گرو گيان گر به پنهنجي آستان تي آيا. چاليهين ڏينهن برهم ڀوڄ ڪيائون جنهن ۾ سڀئي شيوڪ، پريمي، ساڌو ، سنت ۽ برهمڻ ڪٺا ٿيا ۽ شري گرو گيان گر صاحب جن کي گادي تي ويهاريو ويو ۽ هرهڪ پريمي گرو اڳيان دکشڻا رکي مٿو ٽيڪيو ۽ وري به پنهنجي گرو صاحب جن جي گادي آباد ڏسي سڀئي پريمي خوشي وچان شري گرو منگل گر صاحبن جا جس ڳائڻ لڳا. هر هڪ جي زبان مان ”شري گرو منگل مهاراج ڪي جئه“ جا نعارا بلند ٿيا

Please leave your valuable comments

 پنهنجا خوبصورت ويچار ضرور ونڊيو

bpGRcgaYkJ

2 thoughts on “Biography of Shree Guru Mangal Gir Maharaj

Comments are closed.

error: Content is protected !! by Sharma Je Links
%d bloggers like this: