سومناٿ مندر جي ڪٿا

سومناٿ مندر جي ڪٿا

سومناٿ مندر، هِي تِيرٿ ِِاِسٿان ڀارت جي ”پرڀاس پاٽل“ جي علائقي ۾ قائم آهي، جيڪو سناتن سنسڪرتي جي قديم تر تِيرٿ اسٿانن مان هڪ آھي، جنهن جو ذِڪر ”رِگ وَيد“، ”اِسڪَند پُراڻ“ ۽ ”مھاڀارت“ ۾ ٿيل آھي..!!

چيو وڃي ٿو تہ سومناٿ مندر سنسار جي رَچنا جيترو قديم آھي، سومَ لفظ جو مطلب آهي ”چنڊ“ ۽ ناٿ لفظ جو مطلب آھي ”سُوامي يا مالڪ“! تنهنڪري سومناٿ جو مطلب ٿي ويو ”چنڊ جو سُوامي“..!!

انهي مندر جو نالو سومناٿ انهي ڪري پيو جو سومناٿ مندر ۾ موجود ”شِوَلِنگ“ جي اسٿاپنا ”چندر ديوَ“ جي هٿان ٿيل آھي! پُراڻن ۾ ڪٿا آيل آھي تہ چندر ديوَ کي ”راجا دَڪش“ جو شاپ مليل هو، جنهن شاپ جي اثر جيڪري چندر ديوَ جي خُوبصورتي، سندُن روشني ۽ سڀئي شڪتيون ڏينهنون ڏينهن گھٽجنديون ٿي ويون، جنهن جيڪري چندر ديوَ کي انهي شاپ کان مُڪت ڪرائڻ جي لاءِ ٻيا سڀني ديوتائون ”پِتامَهہ بَرهم ديوَ“ وٽ ويا ۽ کاڻن چندر ديوَ کي شاپ مان مُڪت ڪرائڻ جي لاءِ وينتي ڪرڻ لڳا..!!

بَرهم ديوَ سڀني ديوتائن جي وينتي کي ٻُڌي کين چيو تہ ”آءُ چندر ديوَ کي راجا دَڪش پاران مليل انهي شاپ مان مُڪت تہ نٿو ڪرائي سگھان! پر کين انهي شاپ مان مُڪت ٿيڻ جو اپاءُ ٻڌائي سگھان ٿو! چندر ديوَ کي گھُرجي تہ هُو پرڀاس نگر ۾ وڃي ”مھاديوَ جي لِنگ“ ڄي اِسٿاپنا ڪري ۽ پوءِ مھاديوَ جي آراردنہ ڪري کين پرسَن ڪن“..!!

پوءِ پِتامهہ جي آديش مُطابق چندر ديوَ پرڀاس شيتر ۾ شِوَلِنگ جي اِسٿاپنا ڪري مھاديوَ جي ”ڪال ڀيروَ“ رُوپ جي تپسيا ڪئي..!!

سندُن انهي تپسيا سان مھاديوَ پرسَن ٿيا ۽ چندر ديوَ جي اِڇا (خُواهش) مُطابق مھاديوَ کين راجا دَڪش جي شاپ کان مُڪت بہ ڪرايو ۽ چندر ديوَ دواران اِسٿاپنا ڪيل شِوَلِنگ کي ”سومناٿ“ نالو پڻ ڏنو..!!

هِي مندر سمُنڊ جي ڪناري تي قائم آھي ۽ هِن مندر جا ٽي مُکيہ حصہ آھن! ٻاهرين طرف ٻہ وڏا منڊپ (حال) آھن، جِن ۾ هزارين ياترين جي ويهڻ جي گُنجائش آھي ۽ انهن ٻنهي منڊپن کانپوءِ ست ماڙن تي مُشتمل تمام خُوبصورٿ مندر آھي، جتي ”سومناٿ شِوَلِنگ“ اسٿاپت ٿيل آھي! اِهو شِوَلِنگ لڳ ڀڳ سَت فُٽ ڍگھي ڪاري پٿر جو ٺهيل آھي، شِوَلِنگ جي پُٺئين پاسي کان ديوي ديوتائن جون ڪيئي مُورتيون اِسٿاپت ٿيل آھن ۽ شِوَلِنگ جي سامهون واري منڊپ ۾ نندي جي اِسٿاپنا ٿيل آھي..!!

Leave a Reply

This site uses Akismet to reduce spam. Learn how your comment data is processed.

error: Content is protected !! by Sharma Je Links
%d bloggers like this: