مھايوگ وگيان

شري گرو منگل گري سنياس آشرم ايوم مھايوگ ساڌنا ڪيندر جي مھاتما سنت شرومڻي سوامي گوپال گري مھاراج جن جو عالمي ڀائيچاري تي لکيل مضمون

سناتن ڌرم جا ٻہ پھلو رھيا آھن. ھڪ ويڪتوادي (انفراديت) تہ ٻيو سمشٽيوادي (مجموئي يعني سڄي سنسار جو). انھيءَ سان ويڪتي گت مانسڪتا (ھڪ ماڻھو جي ذھنيت) ۽ لوڪ مانسڪتا ( سڄي معاشري جي ذھنيت) چئي سگھون ٿا. فرد ۽ سماج ۾ ميلاپ ء توازن وقت جي گھرج آھي. انسان جي ترقي جي لاءِ انفرادي آزادي ۽ سڄي سماج جي گڏيل ڀاونا ٻئي ضروري آھن. سناتن ڌرم جي پوئلڳن ، فلاسفرن، ودوانن جي ذريعي پڌرا ڪيل سمتو يوگ، ڪرم يوگ، وشو ڀاونا (عالمي ڀائيچارو) لوڪ ھت ۽ اخلاق جي ويچارن جو ، جديد ودوانن جي ذريعي پڌرا ڪيل، قوميت ، بين الاقوامي برادري، جھموريت ، سماج واد (Communism) ۽ تاريخ جي سائنسي نظام (Scintific) وارن ويچارن سان سمتو يوگ (برابري) ۽ ٻنھي جو پاڻ ۾ توازن ڪرڻ جي اميد رکڻ جي ضرورت آھي. انھيءَ جي لاءِ اسان جن شاسترن سان گڏ جديد وقت جي ودوانن جا جھموري، ملڪ ۾ ڀائيچاري ، بين الاقوامي سھڪار ۽ برابري جي راڄ سان واسطو رکندڙ ويچارن جو بہ تنقيدي مطالعو ٿيڻ گھرجي. پنھنجي ڌرم ۽ سنسڪرتي مان جي ھلندڙ وقت جي خلاف تتون کي تياڳي، انھن جي دور جي لحاظ کان وقت پٽاندر ڪلياڻڪاري تتون جي سنڀال ۽ واڌارو ڪرڻ ۽ گڏوگڏ جديد ودوانن جي ويچارن مان نقصانڪار سڌانتن (اصولن) ۽ طريقيڪارن جي چڱي طرح مناسب ڇنڊڇاڻ ڪري، انھن جي فائديمند ۽ ترقي ڏيندڙ ويچارن کي گرھڻ (قبول) ڪرڻ، ھن يگ جي گھرج آھي. مھاڀارت شانتي پرو ۾ چيل آھي تہ
جا تياچ سدر شاه سروي ڪلين سدرشا سٿتا
نہ چؤ ديوگين ٻڌييا اٿ روپدروييڻ وا پنھ
ھرھڪ جاتيء خاندان ۽ شخص جي برابري کي قبول ڪندي، صنعت ۽ ٻڌي جي اھليت جي مختلفپڻي کي قبول ڪريون ٿا ۽ چاھيون ٿا تہ اھليت، فرض شناسيءَ ۽ سٺو وھنوار ئي ماڻھن ۾ وشواس ۽ عھدن تي مقررين جو آڌار ھجي. اسان جي پوروجن «وسوڌئيو ڪٽمبڪم» جو آدرش پڻ ڪيو آھي. جنھن کي قبول ڪري ان تي عمل ڪرڻ اسان جو فرض آھي. جيڪڏھن اسان جدا جدا سمپرداين (فرقيواريت)، پرجاتين (وڏيون ذاتيون) ۽ جاتين ۾ ورھايل انساني سماج ۾ ڀائيچاري جو انوڀو ڪري سگھون تہ ڪوبہ ڪارڻ نہ آھي، تہ اسين سموري ھندو سماج ۽ سناتن ڌرم ۾ ڀائپي ۽ پنھنجي پڻي جو انوڀو نہ ڪري سگھون. جدا جدا جاتين، ننڊين جاتين، ۽ سمپرداين سان جڙيل سڄڻن ۾ پنھنجائي ،ايڪتا ۽ ڀائيچاري جو واڌارو ڪرڻ ، سماج جي ڀائپي ۽ وشو (World) ڀائپي اسٿاپن ڪرڻ اسان جو ڌرمي فرض آھي. سمتا تي ٻڌل ڌرم ۽ سنسڪرتي ئي سريشٺ مڃي ويئي آھي ۽ مڃي سگھجي ٿي. تڏھن وشو (World ) ۾ ڀائيچاري، انسانيت ۽ وشو ڪلياڻ (سموري عالم انسانيت ڀلي جي ڪامنا) جي ڀاونا کي ھٿي ملي سگھي ٿي.

منش جنم جي سڦلتا

ڀڳوان شري ڪرشڻ چوي ٿو تہ ھي اوڌو! جيڪي سرير ڌاري ٿي ڪري ٻي شرير ڌاري جو اپڪار (ڀلو) ڪن ٿا. انھن جو جنم سڦلو آھي. انھي ڪري عقلمند انسانن کي گھرجي تہ تن (جسماني) من, ڌن، عقل، وچن سان ۽ پراڻ (ساه) ڏيئي پڻ انسانن جي اپڪار ذريعي منھنجو ڀڄن ڪندا رھن. منھنجي ڀڄن ڪرڻ وارن کي گھرجي تہ اشٽانگ يوگ ساڌن جي انگ يم ۽ نيم. يم جي انگن اھنساء (ھر ساه واري جي رکشا ڪرڻ)ستيہ، برھمچريہ وغيره ۽ نيم جي انگن تپ (تپسيا جسماني ) شوچ (پويترتائي) سواڌيايہ وغيره جو پالڻ ڪن ۽ منھنجي سوروپ کي ڄاڻڻ واري شانت چت ايشور سوروپ پنھنجي شري ستگروء جي شرڌا ڀڳتي سان اپاسنا شيوا ڪن.
شريمد ڀاڳوت پراڻ 11 اسڪند، 10 اڌيايہ، شلوڪ 5 ۽ 35
ورتل پستڪ مھايوگ وگيان مان

Leave a Reply

This site uses Akismet to reduce spam. Learn how your comment data is processed.

error: Content is protected !! by Sharma Je Links
%d bloggers like this: