ماسٽر چندر

“چندر – ماسٽر چندر

سنڌ جو مشھور راڳيءَ سنگيت آچاريہ ماسٽر چندر جو اصل نالو “ چاڊو مل ڏامواڻي“ آھي.
ماسٽر چندر 18 ڊسمبر 1909ع سندس جنم ھيو ۽ ان جي جنم جو ھنڌ سنڌ جو ساھتي پرڳڻو شھر ٺاروشاھ ضلع نوشھرو فيروز فيروز ھيو ھي پنھنجي والدين کي اڪيلو اولاد ھيو.
ماسٽر جنھن گھر ۾ جنم ورتو اھو اڄ بہ موجود آھي جيڪو ٺاروشاھ ۾ ڦٽل نَوَ لکي واھ تي ساڄي ڪپ تي ڏاماڻي حويلي ۾ ٿيو.
ھن پڙھائيءَ کان بعد پبلڪ سروس انجنيئرنگ کاتي ۾ پنج سال نوڪري ڪئي پر کيس راڳ سان انتھا جي پيار نوڪري ڇڏائي.
ماسٽر چندر بغير لائوڊ جي ھن جو سريلو آواز اڌ شھر تائين پھچندو ھيو.
ھن جو استاد ھيو “جيوترام“ جيڪو قطب الله جھانيان جي خاص مريدن مان ھيو.
ماسٽر چندر نوابشاھ ۾ جڏھن نوڪري ڪندو ھيو تہ اتي شام جو چندر سنگيت وديالہ کوليائين بعد ۾ ڪراچي بہ رام باغ گاڏي کاتي ۾ بہ موسيقي سيکارڻ جو اسڪول قائم ڪيائين.
ماسٽر چندر جو جيڪو پھريون ڪلام ھيو جيڪو ھن خد ٺاھيو اھو ھن کي والدين نئين سائيڪل وٺي ڏني ھئي ان تي ھيو ۽ اھا سائيڪل شھر ۾ پھرئين ھئي ۽ ھن جي ھئي ان تي چڙھي ھن ھي ٻول ٻوليا.
“سير ڪيوسين سائيڪل جو ھينڊل ھٿ ۾ آھي لوڏ ناھي…!
مٿي چاڙھين تي مرد ڪي چڙھندا بريڪ ڏئي پوءَ ڪي لاھيون لھندا.
ويلن کي تہ ورائي لوڏو ناھي…!
ماسٽر چندر صوفي بزرگن مان فيض پرايو جئين ان وقت جو روشن شاھ جھانيان ھادي بخش شاھ دادن شاھ نصير فقير جلالاڻي وغيرھ وغيرھ.
ھڪ دفعو جيوڻي ٻائي ھن جو ٺاروشاھ ۾ آواز ٻڌو تہ ھن کان متاثر ٿي بمبئيءَ وٺي وئي ۽ آواز رڪارڊ ڪريو.
جيڪي بمبيءَ ۾ ھن جا ٻول رڪارڊ ڪرايا ويا اھي ان وقت جي ڪليڪٽر محمد بخش فوجيءَ جا لکيل ھيا.
“طبيبا خيال سان ڏسجو،
اٿم ڪا دل جي بيماري،
جسم تازو توانو آ…!
ڍري اٿم نبض دل واري!
ھن جي آواز ۾ قدرت جادو رکيو ھيو جو ھڪ دفعو سري گھاٽ حيدرآباد ۾ ڳائي پيو جو اوچتو مٿان ماڙيءَ تان ھڪ ڇوڪريءَ پئسن جون ٿيلھيون اڇلائي ھن کي داد ڏنو.
ماسٽر چندر کي “ سنگيت آچاريہ “ وارو لقب پنڊٽ ٺاڪر ۽ بڙي غلام علي خان ڏنو ھيو.
1947ع ۾ سنڌ کي ڇڏي جڏھن ڀارت ويو پھريون اجمير ۽ بعد ۾ بمبيءَ ۽ ڪلڪتو ويو ۽ آخر بمبيءَ ۾ رھائش اختيار ڪيائين.
ماسٽر چندر کي سنڌ وري ياد آئي تہ ھي 1955ع ۾ آيو ۽ فن جو مظاھرو ڪيو ۽ اباڻي شھر ٺاروشاھ ۾ محفلون مچايون جڏھن راڳ ۾ ھن کي پئسا ڏيندا ھيا تہ چوندو ھيو مون کي پئسا نہ ٿا گھرجن سواءَ پيار.
چون ٿا تہ ھن جي سنڌ ۾ سفر ڪرڻ تي سرڪار جا ڪجھ جاسوس جاسوسي ڪرڻ لاءَ پويان لڳا تہ ھن پنھنجي ٺھيل ڪلام ۾ انھن کي ھئين خطاب ڪيو.
“تنھنجي شھر ۾ آيس قسمت سان پر سھڻا ڪين رھايو تو“
ماسٽر کي پنج پٽ ۽ ٻہ ڌيئر ھيون.
پھريون پٽ ڪنيالال 16 سال جي عمر ۾ فوت ٿي ويس ٻيو پٽ منسڪ ٽئين درجي ۾ فوت ٿي ويس ٽيون پٽ گوپ چندر واپار ڪندو آھي چوٿون پٽ ھير چندر انڪم ٽيڪس جو وڪيل آھي.
سندس پنجون پٽ مھيش چندر پيءٗ وانگر وڏو موسيڪار ۽ فنڪار آھي جيڪو اڄ تائين زندھ آھي ۽ ڳائيندو آھي.
ماسٽر چندر سنڌ جو البيلو ڪلاڪار 2 نومبر 1984ع تي اٽڪل 78 سالن جي عمر ۾ بمبيءَ ۾ گذاري ويو.
(منظور علي چنہ)
حوالو ڪتاب انسائڪلو پيڊيا سنڌيانا جلد چوٿون صفحو نمبر 189-190

Leave a Reply

This site uses Akismet to reduce spam. Learn how your comment data is processed.

error: Content is protected !! by Sharma Je Links
%d bloggers like this: