شري گرو گوپال گري شرڌا انجلي

مٿي راھہ روان ٿيا، پورب پوريائون،
ھي گھر گھوريائون، آڳانڍيائون اڳيان.
(شري گرو چرنن ۾ شرڌاانجلي).
🌹🌹🌹🌹🌹🌹🌹🌹🌹🌹🌹
ٻول شري گرو سوامي منگل گري مھاراج ڪي جئہ.🌹🌹🙏🙏
ٻول شري گرو سوامي گوپال گري مھاراج ڪي جئہ.🌹🌹🙏🙏🌹🌹🌹🌹🌹🌹

.

ڌن ڀاڳ ڪوھستان جي پويتر ڌرتي جا، جتي صحيح راھہ ڏسيندڙ رھبر، رھنما ۽ سادو سنت مھاتما سدائين پنھنجي ڪروڻا سان اسان ڀٽڪيل ۽ ڀليل انسانن کي پنھنجي شرڻ ۾ وٺي، حقيقي پنڌ ۽ منزل کان واقف ڪندا رھيا آھن.اڄ اسان جي اھڙي مھان مھاپرش
پريہ ستگرو ديو سوامي گرو گوپال گري مھاراج جن جي شڀ ورسي جو تھوار آهي.سوامي جن جي چرنن ۾ ڪوٽي ڪوٽي ڏنڊوت پرڻام 🌹🌹🙏🙏شري سوامي گوپال گري مھاراج جن پاڻ علم ۽ گيان ڌيان جا آبشار ھئا. ويد شاستر، يوگ اڀياس کان ويندي دنيا جي مڙني علمن، فڪر نفسيات فلاسافي جا قابل برک ڏاھا، گھڻ رخي شخصيت جا ڌڻي ھئا. سوامي جن ھميشہ پنھنجي سائنسي جديد علم عقل وسيلي لاڳاپيل ششن کي روشناس ڪندا رھندا ھئا. سندن ڪوشش ھوندي ھئي ته ماڻھو وھمن، وسوسن، اندھه وشواس ۽ توھم پرستي کان پاسو ڪن.يوگ اڀياس ذريعي ششن ۾ ذھني پختگي پنھنجو پاڻ سڃاڻ حقيقت پسندي واري علم سان فيضياب ڪرڻ ۾ رڌل رھيا. سوامي جن جي شخصيت جو دائرو ايڏو تہ وسيع وشال ۽ گھڻ پاسو آھي جو سندس شان ۽ رتبي تي ڪتاب لکي سگھجن ٿا. منھنجي علمي وسعت ايتري سگھاري ڪونھي جو ھھڙي ڪيلاش پرڀت جھڙي مھا شخصيت تي لفظن جي ڀيٽ ڏئي سگھان.آئون پاڻ کي وڏ ڀاڳي ٿو سمجھان جو منھنجي ننڍپڻ واري زندگي جا يادگار ۽ حسين پل سوامي جن جي ڇپرڇانو ھيٺ، شفقت، آشريواد، پيار پاٻوھه ۽ سندس سکيا ۾ گذريا.آ ئون اھڙي املھه ناياب لمحن جي ساروڻين کي تاحيات زندگيء ۾ سانڍي رکندس. ۽ اسان جي مھان گروجن جي اڳيان ھميشہ اھا ارداس ڪندس ته اسان سڀني ششن مٿان سندن ڪرپا ڪروڻا ۽ آسيس سانوڻي مينھن جيان وسائيندا رھن.
🌹🌹🙏🙏 جئہ گرو ديو 🌹🌹🙏🙏

Leave a Reply

This site uses Akismet to reduce spam. Learn how your comment data is processed.

error: Content is protected !! by Sharma Je Links
%d bloggers like this: