Shewadhari

شري گرو منگل گر جن جي در جا شيواڌاري

سرڳواسي مهاراج گهنشام داس شرما

جيئڻ تڏهن آهي جڏهن موت کان پوءِ به جيئجي ڪن ماڻهن جو سفر اوستائين هوندو آهي جيستائين سندن ساهن جي اچ وڃ جو سلسلو جار ي رهندو آهي، پر ڪي ماڻهو اوستائين جيئندا آهن، جيستائين سندن وجود جا پڙاڏا جاري رهندا آهن ، جيڪڏهن زندگي ڪنهن ساز جو آواز آهي ته اهو آواز دور تائين وڃي ٿو. شري سرڳواسي گهنشامداس شرما به هڪ آواز هو ، هڪ ادارو هو، پاڻ هڪ ئي وقت سٺو شاعر ، سٺو راڳي ۽ سٺو سازيندڙ ، وڌوان ، ڊراما نويس ٿي رهيو. سندس عقيدت ڄمڻ کان وٺي مرڻ گهڙي تائين شري گرو منگل گر مهاراجن جي چرڻن ۾ رهي . پاڻ سوامي ڌيان گر مهاراجن جا چيلا هئا ، هر وقت ستسنگ سان لڳاءَ هوندو هئس جنهن جو ثبوت شري گرو منگل گر مهاراج جن جا ٽيئي ڏينهن اکنڊ ستسنگ هلائيندا هئا . پاڻ کوجنا ڪري شري گرو منگل گر مهاراج جن جو جيون چريتر ڇپايو. شل گرو مهاراج کيس پنهنجن چرڻن ۾ رکي ۽ سندس آتما کي شانتي پهچائي

سرڳواسي ڪشو مل کٽناڻي

شري گرو منگل گر مهاراج جن جو سچو شيواڌاري هو . جنهن ميلي ورسي، هر سومر تي تن من سان شيوا ڪندي پنهنجا پراڻ گرو در تي ارپڻ ڪري ڇڏيا اڄ هو اسان وٽ ناهي پر سندس شيوا ڪرڻ جي کوٽ اسان شدت سان محسوس ڪري رهيا آهيون . اسان سڀئي گر در اها پراٿنا ٿا ڪريون ته گرو سندس آتما کي شانتي ڏي ۽ کيس پنهنجن چرڻن ۾ جاءِ ڏي

سرڳواسي ڀڳت آيل مل

ڪي ڪي ماڻهو واقعي موتي داڻو هوندا آهن ، جيڪي پنهنجي گرو در جي شيوا ڪري جنم سڦلو ڪن ٿا. گرو منگل گر مهاراج جن جو شيواڌاري ڀڳت آيل مل هاسو مل ٺارواڻي جيڪو هر ميلي ۾ ۽ مهيني جا چارئي منگل پنهنجي نت نيم سان گرو در جي حاضري ڏيئي شيوا ڪري پوءِ موٽندو هو اڄ هو اسان وٽ ناهي پر هن جي کوٽ ضرور محسوس ٿئي ٿي . شل گرو مهاراج سرڳواسي ڀڳت آيل مل کي پنهنجن چرڻن ۾ رکي

سرڳواسي ڀڳت تولو مل بهراڻي

سرڳواسي ڀڳت تولو مل بهراڻي گرو منگل گر مهاراج جن جي آشرم جو خاص شيواڌاري هو . پاڻ ماتا جي نوراتن (ڪارڪت مهيني) ۾ خاص پوڄا پاٺ جو ڪم ڪندو هو اهڙا شيواڌاري هن ڌرتي تي ڪڏهن ڪڏهن جنم وٺندا آهن اسان گرو در اها پراٿنا ٿا ڪريون ته شل گرو مهاراج پنهنجن چرڻن ۾ ويهاري ۽ سندس آتما کي شانتي ڏي
جيڪڏهن اوهان به شري گرو منگل گر يا ڪوهستان جي ڪنهن گرو جي باري ۾ ڪجهه لکڻ چاهيو ٿا ته اسان سان رابطو ڪريو Please leave your valuable comments پنهنجا خوبصورت ويچار ضرور ونڊيو bpGRcgaYkJ

Leave a Reply

This site uses Akismet to reduce spam. Learn how your comment data is processed.

error: Content is protected !! by Sharma Je Links
%d bloggers like this: