Shree Guru Mangal Giri Maharaj Ja Gadhi Nasheen

شري گرو منگل گر جا چيلا

شري گرو منگل گر صاحب جن جو پهريون (01) چيلو شري گرو گيان گر صاحب آهي ،(02) شري گرو گيان گر صاحب جن جو چيلو شري گرو موهن گر صاحب آهي، (03) شري گرو موهن گر صاحب جن جو چيلو شري گرو فتيه گر صاحب آهي ، (04) شري گرو فتيه گر صاحب جن جو چيلو شري گرو سومر گر صاحب جن آهي ،(05) شري گرو سومر گر صاحب جن جو چيلو شري گرو پريم گر صاحب جن آهي ، (06) شري گرو پريم گر صاحب جن جو چيلو شري گرو امر گر صاحب جن آهي، (07) شري گرو امر گر صاحب جن جو چيلو شري گرو نارائڻ گر صاحب جن آهي ، (08) شري گرو نارائڻ گر صاحب جن جو چيلو شري گرو رام گر صاحب جن آهي ،(09) شري گرو رام گر صاحب جن جو چيلو شري گرو امر گر (ٻيو) صاحب جن آهي ، (10) شري گرو امر گر صاحب(ٻيو) جن جو چيلو شري گرو سميه گر صاحب جن آهي ،(11) شري گرو سميه گر صاحب جن جو چيلو شري گرو گنگا گر صاحب جن آهي، (12) شري گرو گنگا گر صاحب جن جو چيلو شري گرو ڌيان گر صاحب جن آهي. شري گرو ڌيان گر صاحب جن ڀارت جي شهر کيرٿل ۾ �شري گرو منگل گر سنياس آشرم ايوم سادهنا ڪينڌر� قائم ڪيو آهي شري گرو ڌيان گر صاحب جن مهاراج شري گهنشام داس شرما جا پڻ گرو آهن. ٻيو اهڙو آشرم شري پوپٽ گر جي چيلي شري پريتم گر صاحب باٽوان ۾ ٺهرايو آهي ۽ جتي سال به سال شري گرو صاحبن جي ورسي ملهائيندا آهن . شري گرو پريتم گر صاحب جن حياتي جو گهڻو عرصو بولاخان ۾ رهيا آهن ۽ هڪ هوشيار ۽ وڌوان ڄاڻو هئا. جڏهن شري گرو ڌيان گر صاحب جن بولا خان شهر ۾ رهندا هئاته وٽن پريمين جا ميڙ هوندا هئا . شري گرو صاحب جن هر وقت ستسنگ ۾ محو رهندا هئا هميشه سنڌيا اپاسنا نيم پوروڪ ڪندا هئا ۽ شوڪن کي اپديش ڪندا هئا ته ست ڪرم ڪريو جڏهن ڪنهن ٻاهرين سفر کان پوءِ بولا خان ايندا هئا ته سندن ملڻ لاءِ ڪافي انداز ۾ سندس پريمي ۽ شيوڪ اچي گڏ ٿيندا هئا.

شري گرو ڌيان گر صاحب جن جو چيلو شري گرو سهيج گر صاحب جن آهي جيڪي هر وقت سماڌين تي رهندا هئا شري گرو سهيج گر صاحبن پنهنجي هٿن سان گهڻيون جايون، شري گرو صاحبن جي سماڌ تي ٺاهيون آهن.شري گرو سهيج گر صاحب ٿاڻي بولاخان شهر جي مڙهي جي به گهڻي شيوا ڪئي آهي هر هڪ ماڻهو هن دروش کي سهڻي شرڌا سان پيش اچي ٿو.

شري گرو ڌيان گر صاحب جن جو ٻيو چيلو شري گرو سوامي گوپال گر مهاراج جن آهن جيڪي گهڻو ڪري انڊيا جي شهر کيرٿل ۾ رهندا هئا ۽ گهڻو ڪري سوامي جن ميلي جي وقت بولاخان شهر اچي پريمين سان ملندا هئا پاڻ اتي (کيرٿل ۾) شري گرو منگل گر صاحبن جو ميلو وڏي ڌام ڌوم سان لڳائيندا هئا شري سوامي گوپال گر مهاراج پڻ برهم نيشٽي ۽ برهم شرو تڻي ۽ وڌوان مها پرش هئا. شري گرو سهيج گر مهاراج جن جو چيلو شري گرو موتي گر مهاراج آهن .

هن وقت شري گرو منگل گر مهاراج صاحبن جو گادي نشين شري گرو ڌرم گر صاحب جن آهن جيڪي کيرٿل ۾ شري گرو صاحبن جي آشرم ۾ رهندا آهن انهي کان علاوه سوامي شري گرو گووند گر مهاراج پڻ اتي رهندا آهن ۽ شري گرو صاحبن جي ميلي جي موقعي تي بولاخان اچي پريمين سان ملندا آهن. (ڪابه غلطي ٿي هجي ته اسان جي رهنمائي لاءِ اسان کي ٻڌائيندا ته جيئن معلومات کي درست ڪري سگهون. مهرباني)

 شري گرو منگل گر مهاراج جن جي گادي ٿي ويٺل گادي نشين گرو مهاراجن جا نالا

شري گرو ڀواني گر صاحب

شري گرو منگل گر صاحب

شري گرو گيان گر صاحب

شري گرو موهن گر صاحب

شري گرو فتح گر صاحب

شري گرو سومر گر صاحب

شري گرو پريم گر صاحب

شري گرو امر گر صاحب

شري گرو نارائڻ گر صاحب

شري گرو رام گر صاحب

شري گرو امر گر (ٻيو) صاحب

شري گرو سميه گر صاحب

شري گرو گنگا گر صاحب

شري گرو ڌيان گر صاحب

شري گرو سهيج گر صاحب

شري گرو سوامي گوپال گر مهاراج

شري گرو موتي گر مهاراج

شري گرو ڌرم گر صاحب

شري گرو گووند گر مهاراج

Please leave your valuable comments

 پنهنجا خوبصورت ويچار ضرور ونڊيو

bpGRcgaYkJ

Leave a Reply

This site uses Akismet to reduce spam. Learn how your comment data is processed.

error: Content is protected !! by Sharma Je Links
%d bloggers like this: