Aarti of Shree Guru Mangal Giri Maharaj

aarti

اوم جئه شري منگل گر ديوا سوامي جئه

شري منگل گر ديوا

چارئي ورڻ تو در تي سوامي سڪ سان ڪن شيوا

ڪرم نه ڄاڻان ڌرم نه ڄاڻان، ڄاڻان نه پاٺ پوڄا،

جهڙو تهڙو تو در تي سوامي ڏسان نه در ڌوجا

اوم جئه شري منگل گر ديوا

 

در تنهنجي تي ستگر سواميڪيئي ڪن ٿا شيوا،

آئون ان جهڙو ناهيان، ڪهڙو ڪيان دعوا

 اوم جئه شري منگل گر ديوا

توهين ديالو ،توهين ڪرپالو، مان آهيان داس تنهنجو ،

عيبن کي تون نه ڏسجان، مالڪ ڄاڻي پنهنجو

 اوم جئه شري منگل گر ديوا

گهنشام شرڌا سان جو ڳائي، آرتي گرو ديوا،

دکڙا تنهنجا دور ٿيندا، سوامي پاوي من ونڇت ڦل ميوا

 اوم جئه شري منگل گر ديوا

Please leave your valuable comments

 پنهنجا خوبصورت ويچار ضرور ونڊيو

bpGRcgaYkJ

3 thoughts on “Aarti of Shree Guru Mangal Giri Maharaj

Leave a Reply

This site uses Akismet to reduce spam. Learn how your comment data is processed.

error: Content is protected !! by Sharma Je Links
%d bloggers like this: