Shree Guru Mangal Giri Maha Utsav

شري گرو منگل گر جو ميلو هر سال مانگهه مهيني جي چنڊ کان پوءِ پهرين سومر (سائو سومر) تي ڌام ڌوم سان ملهايو ويندو آهي. شري گرو صاحبن جو ميلو ٽي ڏينهن هلندو آهي.ميلي جي وقت کان اٽڪل ٻه مهينا کن اڳ شري گرو سهيج گر صاحب وڏي جفا ڪشي سان ميلي ملهائڻ جو انتظام ڪندو هو.(اڄ ڪلهه شري گرو منگل گر سنگيت شيوا منڊلي ۽ هندو پنچائيت ميلي جو انتظام ڪندا آهن.) جتي جاٽين جي رهڻ لاءِ ڪٽيائن جو بندو بست ڪيو ويندو آهي. ميلي جي شڀ موقعي تي شري گرو صاحبن جو ڀنڊارو صاحب سراسر ٽي ڏينهن هلندو آهي ۽ ٽيئي ڏينهن ميلي ۾ ستسنگ ۽ ڪيرتن جاري رهندو آهي. ميلي جي پهرين ڏينهن يعني سومر جو بولا خان شهر جي مڙهي صاحب مان ڇڙي کڄندي آهي . جنهن سان ننڍا خواهه وڏا ، سنت ۽ برهمڻ وغيره رستي کان گرو صاحبن جي سماڌي ڏانهن ڀڄن ڳائيندا پهچندا آهن .منگل جي ڏينهن هر هڪ پريمي ، شيوڪ ، سنت ۽ برهمڻ جاٽ ڪندا آهن ۽ ٻڌر ڏينهن شام جو پلئه صاحب پوندو آهي .جنهن کان پوءِ هر هڪ پريمي ۽ شيوڪ واپس پنهنجي گهر موٽندو آهي. ڪيترائي پريمي ميلي ۾ گرو صاحبن جي در تي شيوا ڪندا رهندا آهن ان کان سواءِ ڪجهه پريمي پنهنجي طرف کان رڌ پچاءَ لاءِ راڌائو موڪليندا آهن

شري گرو منگل گر صاحب جن جي آستان تي هر منگل تي جاٽ ٿيندي آهي ۽سماڌين تي هر سائي سومر تي سڄي رات ستسنگ ٿيندو آهي جنهن ۾ ڪيترائي پريمي شريڪ ٿيندا آهن . شري گرو صاحبن جو ڀنڊارو هر وقت سماڌين تي ۽ بولا خان جي مڙهي صاحب ۾ چالو رهندو آهي ۽ سدائين ستسنگ ٿيندا رهندا آهن.

Please leave your valuable comments

 پنهنجا خوبصورت ويچار ضرور ونڊيو

bpGRcgaYkJ

Leave a Reply

This site uses Akismet to reduce spam. Learn how your comment data is processed.

error: Content is protected !! by Sharma Je Links
%d bloggers like this: