Shri Sat Siloki Geeta

شري ست سلوڪي گيتا

شري ڪرشن ڀڳوان فرمائين ٿا ته

هڪ برهم روپ جو اونڪار هڪ اکر “اوم” آهي . ان کي اچارڻ ڪندي ۽ انهي اوم اوم اکر جو سمرڻ ڪندي جو منش (جيو) هن سرير جو تياڳ ڪري ٿو ، اهو جيو پرم پد پراپت ڪري ٿو
01

شري ارجن فرمائين ٿا ته

هي اندرين جا سوامي تنهنجي ڪيرتن (ڀڄن) ڪرڻ ڪري سنساري جيو ڏاڍي آنند کي پائين ٿا ۽ خوشي حاصل ڪن ٿا پر راڪاش لوڪ جي ڊپ کان ڏهن ئي ڏسائن ۾ هيڏانهن هوڏانهن ڀڄن ٿا ۽ سڀ سڌ لوڪ توهان کي نمسڪار ڪن ٿا
02

ڀڳوان شري ڪرشن فرمائين ٿا ته

جنهن کي هٿ پير سڀ آهن جنهن کي جيون جا سڀ سک آهن ، اهو هر وقت سنسار ۾ وچڙندڙ هوندي به سنسار کان الڳ رهي ائين سمجهي ته ايشور سڀ ۾ وياپڪ رهي ٿو.
03

ڀڳوان شري ڪرشن فرمائين ٿا ته

سرگيه آنند سروپ (جڳت جو نيتا) سوکيم ۾ سوکيم سڄي جڳت جو آڌار، تٿا پالڻ وارو اچنتيه روپ، سورج سمان پرڪاش وان، اڳيان رهت اهڙو جو پرشوتم ڀڳوان آهي. انهي جو جيڪو سمرڻ ڪري ٿو، اهو مون کي پراپت ڪري ٿو
04

ڀڳوان شري ڪرشن فرمائين ٿا ته

جن جا ويد پن آهن ، اهڙو سنسار روپي پپر جو وڻ آهي جنهنن جي پاڙ ستيه لوڪ ۾ آهي ۽ ان جون شاخون مرتيو لوڪ ۾ آهن . انهي ويدن چيو آهي ، جو انهيءِ ڳالهه کي ڄاڻي ٿو ، سوئي سچ پچ ويدن کي ڄاڻي ٿو
05

ڀڳوان شري ڪرشن فرمائين ٿا ته

سڀني جي هردن اندر مان ئي وسي رهيو آهيان ۽ منهنجي ئي معرفت سڀني کي سرسوتي گيان ۽ ويچار اتپن ٿئي ٿو. سڀني ويدن دوران ئي ڄاڻڻ يوگيه آهيان ۽ ويدن ڄاڻڻ وارو به مان ئي آهيان
06

ڀڳوان شري ڪرشن فرمائين ٿا ته

انهيءَ ڪري من جي مورتي مون ۾ لڳاءُ ۽ منهنجو ئي شيوڪ (ڀڄن ڳائڻ وارو) ٿي مون کي نمسڪار ڪر، انهي طرح من واڻي ۽ ڪرم سهت پنهنجي من جي ورتي مون ۾ لڳاءِ ۽ اڳڪا گر چت ٿي مون کي پراپت ڪر يعني مون سان اچي مل
07
هري ڪرشن هري ڪرشن، ڪرشن ڪرشن هري هري
هري رام هري رام، رام رام هري هري
ويب سائيٽ جي باري ۾ پنهنجا ويچار اسان سان ضرور ونڊيو ته جيئين اسين بهتر کان بهتر ڪم ڪري سگهون وڌيڪ رابطي لاءِ اسان کي اي ميل ڪريو
SharmaJeLinks(a)gmail.com

Leave a Reply

This site uses Akismet to reduce spam. Learn how your comment data is processed.

error: Content is protected !! by Sharma Je Links
%d bloggers like this: