سوامي گرو گوپال گري مھاراج

سوامي گرو گوپال گري مھاراج

 

 

اڄ نه اوطاقن ۾، سندي جوڳين ذات،
ساريندي سناسين کي رنم ساري رات،
مونکي تنھان جي تات سي لاھوتي لڏي ويا.

ٻول شري گرومنگل گري مھاراج ڪي جئہ.
ٻول شري گرو گوپال گري مھاراج ڪي جئه.

اڄ پريہ سوامي گوپال گري مھاراج جن جي ورسي جو اتسو آهي. ھونئن تہ دستور موجب ھرسال شري گرو منگل گري سنياس آشرم تي نھايت وڏي اڪير شرڌا سان ملھائيو ويندو آهي.
پر ھن ڀيري ڪورونا جي وبا سبب قانون جي پاسداري ڪندي سڀني عقيدتمند پريمين پنھنجي پنھنجي گھر انھيء اڪير، سڪ، صدق سان پنھنجي گروديو کي شرڌاانجلي جا گل🌹 ارپڻ ڪيا .
آئون پڻ نھايت عقيدت اڪير ۽ ادب احترام سان شرڌا جا🌹 گل ارپڻ ڪريان ٿو.
اسان جا ڀاڳ ڀلا جو شري گرو منگل گري سنياس آشرم جي گاڌيء تي ھر سمئي انتھائي مھا سد پرش سخاوت ۽ ڪرپا جا ساگر جوتش علم کان ويندي يوگ اڀياس ۽ سنگيت ڪلا جو پرچار ڪندا رھيا آھن.
پريه سوامي گوپال گري مھاراج جن جي علم، ڏاھپ دانشوري فلاسافيء کان سموري ڀارت ورش کان ويندي سمورو سنڌ ڪوھستان ڀلي ڀاتي واقف آھن.
اھڙن مھان علم ادراڪ جي ڏاھن اڪابر عالمن جي علم جي ڌارا صدين تائين وھندي رھندي.
اسان پر اميد آ ھيون ته ان جوت جو تسلسل حاضران حضور پريه سوامي گووند گري مھاراج منجھه اھو سمورو آتم گيان علم عقل فھم دانائي ديا مريادا ۽ روحانيت جي مڻيا موجود آھي, ۽ اسان مڙني کي ھر وقت سندس آٿت اميد آشيرواد جو بروسو رھندو. آئون پڻ پاڻ کي وڏ ڀاڳي سمجھندي منھنجي سموري سماجي، گھر گرھستي، سنگيت ڪلا ۽ ڪاروبار جي خوشحالي کي پريه سوامي گوپال گري مھاراج جن جي اتي ڪرپا جو سبب ٿو سمجھان .

آئون بار بار گرو جن جي چرنن ۾ اھا وينتي ڪندو رھندس ته شل اسان جا گرو جن مون سميت سموري ڪوھستان جي پريمين تي اھڙي ڪرپا ديا جا مينھن وسائيندا رھن.

گرو جو داس رميش راھي.🙏

Leave a Reply

This site uses Akismet to reduce spam. Learn how your comment data is processed.

error: Content is protected !! by Sharma Je Links
%d bloggers like this: